تعليمي ادارن مان ھاسٽلون ختم ڪرڻ تعليم دشمني آھي

حيدرآباد (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، مرڪزي جنرل سيڪريٽري عاطف ملاح، اياز صالح پليجي، آصف مري ۽ نقاش خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن مان ھاسٽلون ختم ڪرڻ تعليم دشمني آھي. سنڌ يونيورسٽي سميت جن يونيورسٽين ۾ ھاسٽل موجود آھي ته اتي به ھاسٽلن ۾ اڪثر شاگردن کي رھائش نٿي ملي. ھاسٽل جھڙي بنيادي سھولت به ٻوڏ متاثرن جي راشن جيان وڏيرن ۽ جيالن جي سفارش کان سواء شاگردن کي نٿي ملي. ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ھاسٽلون ختم ڪري سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته شاگردن کي فورن ھاسٽلون ڏنيون وڃن.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته موجوده جديد دور ۾ به شاگردن کي ھاسٽل جھڙي بنيادي سھولت کان محروم ڪرڻ سراسر تعليم دشمني آھي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته يونيورسٽين, لا ڪاليجز ۽ ميڊيڪل ڪاليجز سميت سنڌ جي سمورن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ھاسٽل ۽ معياري کاڌي سميت سموريون بنيادي ضرورتون مھيا ڪيون وڃن. سنڌ يونيورسٽين سميت ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ ھاسٽلون موجود ھجڻ باوجود وڏيرن, ڪامورن ۽ حڪمران پارٽي جي جيالن جي سفارش يا رشوت بنا شاگردن کي ھاسٽل نٿي ڏني وڃي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي انتظاميا کي پابند ڪيو وڃي ته شاگردن کي ھاسٽل مھيا ڪن. ھاسٽل مھيا نه ڪندڙ يونيورسٽين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.