فريد آباد ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

فريدآباد (ن ع آ)فريد آباد ۾ ڪاڇي جي 200 ايڪڙ زمين باراني زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ بااثر وڏيرن جي ظلم خلاف ڏيرا برادري جي خليل ڏيرو، ميھرعلي ڏيرو، ساجدعلي ڏيرو، قادن ڌڻي بخش، سائين رکيو ڏيرو لشڪري ۽ بشير احمد ڏيرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. بااثر وڏيرن جي ظلم خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ھنن چيو ته ڪاڇي ۾ باراني  200 ايڪڙ زمين آهي جنهن تي فريدآباد جا بااثر وڏيرا قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ھنن چيو ته ميھڙ ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ انڪوائري آفيسر مقرر ٿيل ھو جيڪو مخالف بااثر وڏيرن سان ملي واپس ھليو ويو آهي.. ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي ته زمين تي قبضي جو نوٽيس وٺي ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.