ڪراچي ۾پورهيت جو زال خلاف احتجاج تحفظ جي گهر

گلشن اقبال (ن ع آ)  بلال ڪالوني نارٿ ڪراچي جو بيمار پيرسن عاشق حسين سرائيڪي، صحافين وٽ پھچي روئيندي ٻڌايو ته منھنجي زال نسيم بي بي ھڪ بدچلن عورت آھي، جيڪا پنھنجي دوست شوڪت رنڌاوا پنجابي سان گڏ منھنجي گھر کي تباهه ڪرڻ لاءِ منھنجي گھر ۾ رکيل ساڍا يارنھن لک کڻي وئي ۽ منھنجي نارٿ ڪراچي واري گھر کي به کپائي پنھنجي دوست سان گڏ عياشي ڪرڻ لاءِ مون تي زور ڀري رھيا آھن. هن چيو ته منھنجي زال پنھنجي دوست سان گڏجي مون کي مارائڻ چاھي ٿي ان چيو ته انھن ٻنھي گڏجي منھنجي پٽ آصف علي کي پسٽل وٺي ڏنو ته پنھنجي پيءُ کي مار ته پاڻ ڪروڙ پتي بڻجي سڪون جي زندگي گذاريون، منھنجو پٽ مون کي ھٿيار ڏيکاري چيو ته گھر لکي ڏي ته اسان کپائي ڪاروبار ڪريون ٻيئي صورت ۾ توکي ماري ڇڏينداسين، مون کي خوف آھي ته ھي مون کي ماري ڇڏيندا، ان ڪري پوليس به انھن کي ڪجھه نٿي ڪري، آئون وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، گورنر سنڌ، کي اپيل ڪندس ته منھنجي جان کي سخت خطرو آھي منھنجي زندگي بچائي وڃي  جيڪڏهن  مونکي ڪجھ ٿيو ته منھنجي زال نسيم بي بي، ۽ شوڪت بنجابي خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.