پني عاقل ۾ جوا ۽ منشيات جا اڏا، پوليس منٿلي عيوض ماٺ

پنوعاقل (رپورٽ:نور محمد سومرو) پنوعاقل شھر جي سڌوجا چوڪ لڳ ھندو واپاري مڪيش ڪمار پاران بغير پرمنٽ جي   شراب جو مني گتو قائم،مندر گھٽي جي ھڪ بيڪري تي سرعام شراب ھلڻ لڳو،ڪچو پڪو  شراب وڪرو ٿيڻ ڪري سج لھڻ شرط 20 کان 30 سال جا درزني نوجوان شراب خريد ڪري شھر  جي مختلف ھوٽلن تي واپرائڻ کانپوءِ رات جو نشي ۾ ڌت ٿي موٽرسائيڪليون  چوري ڪرڻ سان گڏ ڪيترن دڪانن جا تالا ڀڃي ڏوھ ڪيا وڃن ٿا،چيو وڃي ٿو ته پوليس جي نگراني ۾ شراب جا گتا ھلڻ سان گڏ شاھي بازار ۾ آڪڙا پرچي جا دڪان ھلي رھيا آھن،جتي روزانو سج لھڻ شرط چنڊ رات چئ ھزارين رپين جي جوا ڪئي وڃي ٿي،ھوڏانھون صوفي محلو،غريب آباد،پوسٽ آفيس علائقو،جبل محلو ۽ ٻين علائقن ۾ بڪي  جوا جا اڏا ھلن ٿا.،جتي ٽي وي ذريعي جواگر لکين رپين جي راند کيڏن ٿا،ان ڏس ۾ اھيو به معلوم ٿيو  آھي ته جوا ۾ ھارائيندڙ ڪيترائي نوجوان ڏوھ ڪري پورائوءُ ڪن ٿا،ھوڏانھون شھر جي پيرواھ،اسٽيشن محلو،بشيرآباد ۽ مھراڻ اسڪول جي علائقن ۾ فحاشيت جا اڏا قائم آھن،پنوعاقل پوليس مٿي ڄاڻايل مڙني سماجي برائين منشيات،فحاشيت،جوا جي اڏن تان لکين رپيا منٿليون ورتيون وڃن ٿيون،جڏھن ته عوامي شڪايتون جي باوجود ھتي سفارشي پوليس آفيسر بي ڌڙڪ  ٿي ڪم ڪري رھيا آھن،ٻي طرف سياسي سماجي مذھبي واپاري پارٽي اڳواڻن شھرين علامه اظھر حسيني،شھري اتحاد جو چئيرمين صابر اعواڻ،صدر رفيق احمد سومرو،جنرل سيڪريٽري شاھد حسين سوھو،محمد حسن مغل،فرحان خان ڌاريجو،ڪامريڊ مجيب الرحمان ڀٽو،حافظ علي اڪبر ڪلھوڙو ۽ ٻين شھر ۾ ٿيندڙ بدامني ۽ منشات جي اڏن کي بند ڪرائڻ لاءِ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان گھر ڪئي آھي ته فوري طور ڪرپٽ پوليس عملدارن کي ھٽائي سماجي برائين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.