ملڪ ۾وڌندڙ فرقيواريت جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا: مولانا اسد شر

مقصودورند (ن ع آ) ملڪ ۾ هڪ سازش تحت فرقيواريت ڦهلائي پئي وڃي اسان فرقيواريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا آمريڪا ۔سعودي عرب عرب ۽ اسرائيل ڳٺ جوڙ ھڪ دهشت گردن جو ٽولو آهي اهڙو اظهار شيعه علماء ڪائونسل صوبي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ مولانا اسد شر غازي عباس ڪالوني ۾  مقصودورند ۾ امام زين العابدين جي شھادت جي سلسلي ۾ 12 سالياني مجلس عزا کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عزاداري ڪرڻ اسان جو حق آهي ۽ انهي حق کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي اسان جو ملڪ پاڪستان جي قانون ۾ آهي ته هر فرقي ۽ هر مذهب جي ماڻهن زندگي گذارڻ جا حق حاصل آهن بعد ۾ مولانا اسد شر مقصودورند ۾ غازي عباس برادران حاجي غازي خان رند ۔زوار غلام عباس رند ۔سيٺ ڦوٽو خان رند ۔زوار طالب حسين رند ۔وقار علي رند ۔واجد علي رند پاران امام زين العابدين جي شھادت جي سلسلي ۾  سالياني 12 قديمي  مجلس عزا غازي عباس ڪالوني ۾ منقعد ڪئي وئي مجلس عزا کي ناليوارا عالم ۽ ذاڪرن  جنهن ۾ علامه ظھيرالحسن آفاقي۔ علامه عمران عباس ڪاظمي۔ علامه سائين بخش مناظري۔ علامه اسد علي شر علامه رياض حسين نجفي۔ علامه سيد ضياء عباس شاه۔ علامه منظورحسين سولنگي۔ علامه قاري خيرمحمد۔  علامه مدد علي ملاح ذاڪر  اهلبيت امداد آصي سميت ٻين مقامي ذاڪرن  سيد مهدي شاھ ڪاظمي ۔مولوي مدد علي سعيدي۔مولوي سينگار حسين رند خطاب ڪيو.

ملڪ ۾فرقيواريت کي هٿي ڏني پئي وڃي، شر پسند گرفتار ڪيا وڃن: مولانا فتح الله

گلشن اقبال (ن ع آ) سچل ڳوٺ م عالمن، مفتين ۽ حافظن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾جمعيت علماءِ اسلام ضلعي اوڀر جي امير مولانا فتح الله، جنرل سيڪريٽري فاروق سيد حسن زئي، سينئر نائب امير مفتي عالم الحق فاروقي، عبد القيوم سومرو، عبد الستار برفت ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ م ھڪ دفعو ٻيھر سوچي سمجھي سازش جي تحت فرقيواريت کي ھٿي ڏني پئي وڃي  ڪجھه شر پسند صحابه ڪرام ۽ اھلبيت جن جي شان ۾ گستاخي ڪري نفرتون پيدا ڪري ھتي جو امن خراب ڪرڻ چاھن ٿا،  اسين حڪومت کان قانون نافظ ڪرڻ وارن ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اھڙي قسم جي شر پسندن کي فوري گرفتار ڪري  قانون تحت سزا ڏني وڃي.

شهدادپور واسي حادثي ۾فوت ٿيل نوجوان جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري

شھدادپور (ن ع آ) شهدادپور۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان محمد ملاح جو تڏو نسيم نگر شھدادپور رکيو ويو جٿي سندس وارثن اميدعلي ملاح احمد علي ملاح مظفر ملاح غلام عباس ملاح ذولفقار ملاح حاجي ملاح اميرالبحر جي ضلع جنرل سيڪٽري اشفاق ملاح سان تعزيت جو سلسلوجاري تعزيت ڪندڙن  ۾سيد احسان شاه شير محمد قريشي غلام علي خاصخيلي  برڪت علي لاشاري صحافي سجاد خاصخيلي نورسنڌي شھر جي سياسي سماجي ڌرين ساڻن ڏک ونڊيو. ۽ ياد رهي ته مرحوم نوجوان پ پ آڳواڻ محروم  تاج حيدري ملاح جو ڀائيٽو هو.

سکر ۾ جي يو آءِ جو اجلاس، مختلف معاملن تي غور ويچار

سکر(رپورٽر) جي يو آءِ سٽي سکر جي مجلس عاملا ۽ يونٽن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مسجد قبيٰ لوڪل بورڊ سکر ۾ جي يو آءِ امير مفتي سعود افضل ھاليجوي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ اڳواڻن ۽ عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.، اجلاس ۾ پنجاب صوبي ۾ موٽروي تي ٻارڙن جي سامھون عورت سان ٿيندڙ واقعي جي شديد مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته سکر ۾ صفائي، سٿرائي، صحت، تعليم ۽ سرڪاري اسپتالن جي خراب صورت حال تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو ۽ جي يو آءِ سٽي سکر پاران 11 آڪٽوبر تي سکر ۾ وحدت سنڌ پيغام امن ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جنھن جون جي يو آءِ پڻ تياريون شروع ڪري ڇڏيون، ان موقعي تي جي يو آءِ سٽي سکر جي اجلاس ۾ مفتي قمرالدين ملاڻو، مولانا مولابخش مھر، مولانا حسين احمد آزاد، مفتي اعظم مھر، مولانا عبدالخبير خاڪسار، قاري محمد فاروق شيخ سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ جي يو آءِ سکر جي امير مفتي سعود افضل ھاليجوي خطاب ڪندي چيو ته جي يو آءِ ھميشه عوامي سياست ڪئي آھي ۽ عوام جي جائز حقن جي جنگ وڙهي آھي پ پ  ۽ پي ٽي آءِ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، عوام جون ھاڻي نظرون جي يو آءِ ۾ آھن ھن چيو ته جيترو خرچ سرڪاري ڀوتارن پاران سکر ۾پنھنجي بنگلن تي ڪيو آھي، اوترو عوام تي ڪيو وڃي ها ته عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبورنه نه ٿي ھا، سکر جي اسپتال ۽ آغا اسپتال جي سالياني بجيٽ هڪ جيتري آهي پر ھتي هڪ گوري به نه ٿي ملي، پ پ سنڌ تي هميشه حڪمراني ڪئي آهي انهن کي سکر جي مسئلن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.