مٽياري ۾ڊگهي لوڊشيڊنگ، پاڻي فيراهمي به بند، رهواسي سراپا احتجاج

مٽياري (م ڊ) مٽياري جي شھرين مٽياري پريس ڪلب آڏو پھچي وابڊا مٽياري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھري جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ نويد اقبال ملاح، صالح سومرو،عارف ملاح ۽ حسنين ساند ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاھرين چيو ته مٽياري شھر ۾ واپڊا وارن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،ھنن چيو ته واپڊا وارا مٽياري شھر ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري شھرين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ھنن چيو ته ڏينهن ھجي يا رات ھجي واپڊا وارا ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪريو ڇڏي جنهن سبب ڪيتروئي عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ٻئي طرف مظاھرين پبلڪ ھيلٿ کاتي جي خلاف پڻ نعريبازي ڪندي چيو ته اسان جي محلن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سپلاء بند ڪري ڇڏي آهي. ڪيترائي ڀيرا پبلڪ ھيلٿ جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي بيزار ٿي پيا آهيون پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، مظاهرين چونڊيل نمائندن بالا آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته شھرين جا مک مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.