گهوٽڪي ۾ جعلي نوٽن جو ڪاروبار عروج تي

گهوٽڪي ( رپورٽ آزاد مهر  ) گهوٽڪي ۾ نقلي نوٽ جو ڪاروبار عروج تي , شهري پريشان , بينڪ اندر ڪيش جمع ڪرائيندڙ نقلي نوٽ جمع ڪرائيندي پڪڙجي پيو , ذريعن موجب گهوٽڪي ۾ نقلي ڪاروبار عروج تي پهتل , گذريل ڏينهن گهوٽڪي جي منڊي جي هڪ واپاري جو ملازم گهوٽڪي جي ايم سي بي بينڪ اندر هڪ لک رپيا جمع ڪرائڻ آيو ته پيسا مشين ۾ چيڪ ڪندي 12 هزار نقلي نوٽ نڪتا , جنهن بعد بينڪ جي ڪيشيئر ۽ نقلي نوٽ ڏيندڙ همراھ ۾ منھن ماري ٿي پئي , بينڪ جي ڪيشئر نقلي نوٽن کي ڪراس ڪري ڏنا بعد ۾ نقلي نوٽ همراھ بينڪ مان فرار ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.