درياخان مري ۽ ڀرپاسي مڇرن جو آزار

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري ريلوي ڦاٽڪ ڪالوني م مڇرن جو آزار وڌي ويو مڇرن جي آزار کان بچڻ لاء خدمت انساني جي اڳواڻن پاران مڇرن کي مارڻ لاء پاڻي جي تلائن ۽ گندگي وارن ھنڌن تي گاسليٽ ۽ موبل آئل ھاريو ويو ان موقعي تي خدمت انساني جي چيف آرگنائيزر غلام مرتضي آرائين چيو ته ريلوي ڦاٽڪ ڪالوني جي رھواسين پاران ڪيترا ڀيرا مڇر ماراسپري ڪرڻ لاء مليريا کاتي جي اعلي آفيسرن کي چيو ويو مگر مليريا کاتي جي آفيسرن پاران مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ سبب پنھنجي مدد پاڻ تحت مڇرن کي مارڻ لاء پاڻي جي بيٺل تلائن ۽ گندگي وارن ھنڌن تي گاسليٽ ۽ موبل آئل ھاريو ويو آھي ته جيئن مڇرن جو آزار گھٽجي سگھي ۽ عوام مليريا جھڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجڻ کان بچي سگھي .ھن وڌيڪ چيو ته ريلوي ڦاٽڪ ڪالوني جي رھواسين ۽ خدمت انساني تنظيم پاران ڪجھ ڏينھن اڳ برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ کانپوء پنھنجي مدد پاڻ تحت ھٿ وارن نلڪن ۽ ڊيزل انجڻ ذريعي برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو ھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.