خانپور مهر ۾ صحافين جو اجلاس، چورايل موٽرسائيڪل جي واپسي جو مطالبو

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر جي سينيئر صحافي قاضي خادم جي ڀائٽي امتياز علي قاضي جي سي ڊي ماڊل 2020 موٽرسائيڪل جيڪا ٻارنهن ڏينهن اڳ شام جي وقت گوهر پيٽرول پمپ جي مسجد ٻاهران چوري ٿي وئي هئي پر هن مهل تائين خانپورمهر پوليس چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ڪرائي سگهي آهي، هوڏانهن پوليس پاران چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ڪرائڻ تي پريس ڪلب خانپورمهر ۾ صحافين جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ صحافين شهزادو لاڙڪ، عظيم سيال، سائل قاضي ،ميهر مهر، آزاد غلام نبي مهر، نواب ميراڻي ،قاضي خادم ،آڪاش مهر، ياسين ميراڻي ،غلام شبير سيال، حسن مهر، سريچند ڪپور، وحيد گڏاڻي ،آفتاب سيال، وهاب قاضي ، هريش ڪانيا، زبير سيال، امر لال سيجواڻي،منٺار چنا، انور ملڪ، ماڌا رام، ڌنيش کيماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صحافين 12 ڏينهن گذرڻ باوجود خانپورمهر پوليس پاران چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ڪرائڻ تي پوليس جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن خانپورمهر پوليس چوري ٿيل موٽر سائيڪل جلد واپس نه ڪرائي سگهي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

باقراڻي تعلقي ۾ پ ٽ الف جي چونڊن جي حوالي سان مهم جاري

خير محمد آريجا (ن ع آ ) پ ٽ الف باقراڻي تعلقي جي چونڊ 11 آڪٽومبر تي ٿيڻي آهي فارم ڀرائڻ جي اڄ (گذريل) ڏينهن آخري تاريخ هئي آخري تاريخ تي پ ٽ الف جي اليڪشن جي چونڊ وڙھڻ جي لاءِ ٽن استادن محمد بخش جتوئي ممتاز علي ڀيو ۽ عظمت علي سيال اليڪشن جي چيئرمين کان فارم وصول ڪيا .پ ٽ الف جي چونڊ جي استاد اميدوارن پاران استاد برادريءَ جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي لاءِ صلاح مشورا جاري آهن

پ ٽ الف تعلقي نوشهروفيروز جون اليڪشن سرگرميون زور شور سان جاري

نوشهروفيروز(ڊ ر) پ ٽ الف تعلقي نوشهروفيروز جون اليڪشن سرگرميون زور شور سان جاري، سالن جي هڪ هٺي ۽ ناني ويڙهو ٽوڙڻ لاءِ شاهه لطيف پئنل ميدان تي لهي پيو. پ ٽ الف تعلقي نوشهروفيروز تي شاهه لطيف پئنل جي اميدوارن ذوالفقار علي سومرو، اعجاز کوکر، سڪندر پنهور، شاهد پلهه، احمد علي راڄپر ۽ ٻين اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.ان موقعي تي صدارتي عهديدار ذوالفقار سومرو جو چوڻ هو ته پ ٽ الف پڙهيل لکيل ۽ قابل احترام استادن جي تنظيم آهي جنهن کي هر ڪو عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي ان ڪري هن تنظيم ۾ به اهڙا ئي ماڻهو چونڊيا وڃن جيڪي پنهنجي ننڍن ملازمن جي جائز مسئلن لاءِ ميدان عمل ۾ اچن ۽ انهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هن ڀيري سالن کان هٺ ڌرمي قائم ڪيل ڄام پئنل کي شڪست ڏئي غريب ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.

پني عاقل ۾ جي يو آءِ جو مڪاني چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ جو اعلان

پنوعاقل (ن ع آ) جي يو آءِ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو  پاران سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جي ھر تڪ تي اميدوار بھائڻ  واري اعلان کانپوءِ ھتي ھتي جمعيت علماءِ اسلام تعلقي پنوعاقل پاران ٽائون ڪاميٽي جي 17 وارڊ ۽ 17 يوسين ۾ مڙني تڪن تي اميدوار بيھارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ تعلقي پنوعاقل جي امير مولانا غلام اللھ ھاليجوي ،مولوي علي اڪبر ڪلھوڙو۽ ٻين عھديدارن حاجي عبدالحق چاچڙ،حافظ عبدالستار قاضي،نور عالم ڊکڻ،جمال الدين سومراڻي، ڪرم الدين چنو،رفيق احمد ميراڻي ۽ ٻين اعلان ڪندي چيو ته پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي جي ھر وارڊ ۽ 17 يوسين جي مڙني تڪن تي اميدوار بيھاريا ويندا،ھنن تعلقي جي باشعور عوام کان گھر ڪئي ته جمعيت علماءِ اسلام جي نامزد اميدوارن کي ووٽ ڏئي ھڪ دفعو  خدمت جو موقعيو ڏنو وڃي.

ڀريا سٽي ۾ پ پ اڳواڻ شهناز رانجهاڻي اسڪول ۾ ماسڪ ورهايا

ڀرياسٽي (ن ع آ)  ڀرياسٽي / ڀرياروڊ ۾ ايس او پيز تحت اسڪول کلي ويا ۔ شاگردن جي حاضري معمول کان گهٽ رهي ۔ پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ ضلعي جي سينيئر نائب صدر پاران شاگردن ۽ استادن ۾ ماسڪ ورهايا ۔ ايس او پيز تي عمل در آمد ڪرڻ جي اپيل ۔ تفيصل موجب ڀرياسٽي ۔ ڀرياروڊ ٺاروشاهه سميت ڀرپاسي ۾ تعليم ادارا لاڪ ڊائون کان بعد پهريون ڏينهن  ايس او پيز تحت کلي ويا ۔ جڏهن ته اسڪول ۾ شاگردن توڙي استادن جي حاضري معمول کان گهٽ رهي ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي سينيئر نائب صدر شهناز رانجهاڻي اسڪول جا دورا ڪندي استادن ۽ شاگردن ۾ ماسڪ ورهائي ڪرونا وائرس بابت آگاهي ڏيندي چيو ته ڪرونا وائرس ختم ناهي ٿيو. ۔ اسان جي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري تعليم تباهه ٿي رهي هئي.  جيڪا ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي ۔ ڪرونا وائرس تي پوري ملڪ ۾ انگ گهٽجي ويو آهي ۔ پر ختم ناهي ٿيو هن چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ ڪرونا جي حوالي سان احتياط ڪري تعليم کي جاري رکڻو آهي ۔ جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڀرياسٽي جي سرڪاري اسپتال ۾ پڻ ليڊيز هيلٿ ورڪرز۾ ماسڪ ورهايا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.