لاڙڪاڻي جي قائد عوام يونيورسٽي مسئلن جي ور، ملازمن جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ ڪئمپس جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي قائد عوام انجنيئرنگ ڪئمپس ۾ آفيسرن، ملازمن ۽ استادن پاران ايڊمن بلاڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي ميمبرن اسدالله کهاوڙ، سراج احمد ڀٽو، سجاد حسين کوسو، شڪيل احمد گهانگهرو، هاشم علي ميربحر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي هنن وائيس چانسلر نوابشاهه ۽ ڊائريڪٽر ڪئمپس جي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته هر مهيني اسان ٽيچرس، آفيسرس ۽ ملازمن کي پگهار وقت سر نه ٿي ڏني وڃي ۽ اداري جي طرفان جيڪي ملازمن جو پاليسي جڙيل آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري ملازمن جو مستقبل داء تي لڳل آهي مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه وائيس چانسلر جي خلاف يونيورسٽيز بورڊ جي ايڊوائيز نثار احمد کهڙو وٽ به احتجاج ڪيو آهي ۽ دانهن ڏني آهي پر هن مهل تائين اسان جو ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن اعليٰ اختيارن نوٽيس ورتو آهي اسان قائد عوام انجنيئرنگ ڪئمپس لاڙڪاڻي جا ٽيچرس، آفيسرس ۽ ملازم سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري بورڊ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته قائد عوام انجنيئرنگ ڪئمپس لاڙڪاڻي جي شاگردن جي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کان ڊگري رجسٽريشن ڪري شاگردن جو مستقبل بڻايو وڃي. ۽ هن اداري کي جلد کان جلد يونيورسٽي جو درجو ڏئي هڪ اهل ايماندار آفيسرس کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي ۽ اداري جي نقصان پهچائيندڙن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.