ڏهرڪي ۾ اوٻاوڙي واسي جو سالن خلاف احتجاج

ڏهرڪي  (ن ع آ) اوٻاوڙو واسي زال مڙس جي جهيڙي ۾ نوجوان مٿان سالن جو لوهي تارن سان مبينا تشدد،تشدد ڪري زال جي طلاق به لکائي ورتي،اوٻاوڙو واسي جو ڏهرڪي ۾ سالن خلاف احتجاج،خبر موجب اوٻاوڙو جي خانپور محلي جي رهواسي نواب علي سومرو عوامي آواز جي آفيس  پهچي دانهيبدي چيو ته منهنجي زال شمشاد خاتون مونسان گهريلو ڳالهه تان جهيڙي ڪيو جنهن بعد منهنجي سالن پنهنجي ڀائرن کي گهرائي ورتو،هن چيو ته اجمل ۽ جميل وارن مون کي لوهي تارن سان تشدد ڪيو بعد ۾ زبردستي مون کان طلاق لکرائي ورتي آھي .هن چيو ته مان اهڙي دانهن کڻي اوٻاوڙو پوليس وٽ ويس پر پوليس منهنجي دانهن نه ٻڌي هاڻي سالا مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا مان اوٻاوڙو ڇڏي ڏهرڪي پهتو آھيان هن چيو ته مونسان انصاف ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.