پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ بک هڙتال

 پڊعيدن (ن ع آ ) پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاء شھري ايڪشن ڪاميٽي طرفان نصرت ڪئنال تي اڄ کان ٽن ڏينهن جي لاء  بک هڙتال ڪيئمپ لڳائي وئي آھي , بک ھڙتال ڪيمپ شھرين ,سياسي سماجي ڌرين پير رڪن الدين قريشي  رياض انصاري  طالب لاشاري باقر راڄپوت راڻا نثار غلام حيدر آڪاش آزاد ابراھيم اياز انصاري اختر آريجو عبدالحق پلھ سميت وڏي انگ م شرڪت ڪئي. شھرين چيو ت پڊعيدن ضلعي نوشھرو فيروز جو قديمي شھر جنھن جي آبادي 45 ھزار  ٽاءون ڪاميٽي 10 وارڊن تي مشتمل آھي مطالبو ڪيو ته پڊعيدن تاريخي شھر آھي پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي جيسين تائين پڊعيدن کي تعلقي جودرجو نٿو ڏنو وڃي تحريڪ جاري رھندي ٻي صورت۾ پريس ڪلب ڪراچي سامھون احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.