ڀرياسٽي گندگي جي ور، احتجاج

ڀرياسٽي  (( مجيد ڪيريو ))  ڀرياروڊ سرڪاري اسپتال ۽ منظور ڪالوني نالين جي گندي پاڻي جي لپيٽ جي ور چڙهي ويا ۔ اچ وڃ جو روڊ مڪمل پاڻي هيٺ ۔ اسپتال انتظاميه جو پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميه خلاف سخت احتجاجي مظاهرو، انصاف جي گهر.   تفصيل موجب ڀرياروڊ سرڪاري اسپتال جي مين روڊ جي ٻنهي پاسن تي نالين جو گندو پاڻي روڊ تي چڙهي آيو ۔ رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا ۔ جڏهن ته اسپتال ڀرسان باگڙي برادري جا 20 گهر لڏي مٿاهين طرف روانا ٿي ويا ۔ .جڏهن ته سرڪاري اسپتال جي چوڌهاري نالين جو گندو پاڻي اسپتال اندر وڃڻ ڪري اسپتال جو ديوارون ڪري پيون ۔ سرڪاري بلڊنگ تي پاڻي پهچڻ سبب ڪنهن به وقت بلڊنگ کي نقصان رسي سگهي ٿو ۔ ان سلسلي ۾ سرڪاري اسپتال جي ملازمن اظهار ڀٽي،  ڊاڪٽر انور،  طيب حسين  ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي لاءِ نالين جي پاڻي وڏو آزار ڪري ڇڏيو آهي هاڻ ته اچ وڃ  ۾ به سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هنن ٻڌايو ته اسپتال جي مين روڊ جي ٻنهي پاسي واري کڏن جو پاڻي اور فلو ٿي روڊ ڪراس ڪري رهيو آهي ۔ ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي ۔ هنن چيو ته نالين جو گندوپاڻي اسپتال ۾ اندر داخل ٿي رهيو آهي ۔ اسان صحت کاتي سميت ٽائون انتظاميه کي لکيو آهي.  پر ڪير به ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي ۔ جڏهن ته ٻئي پاسي هنن ٻڌايو ته ٽائون آفيسر آفتاب ملاح چارج وٺڻ کان وٺي هن مهل تائين آفيس ۾ ناهي آيو ۔ جڏهن ته گندي نالين جي پاڻي جي ڪري سوين بيمارين ڊائريا۔ مليريا ۔ الرجي منهن ڪڍيو آهي ۔ هنن ڊي سي نوشهروفيروز سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا پاڻي نيڪال ڪرائي اسان کي پريشانين کان بچايووڃي ۔۔۔ٻي صورت ۾ اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.