نوشهري ۾ نوجوان جو گهرڀاتين سميت ڀائرن خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد جوابدار اقليتي برادري جي ماڻهن تي ڏمرجي پيا، موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان متاثر ڌر جو احتجاجي مظاهرو. درياخان مري واسي منوج ڪمار، ڪيلا، صغريٰ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجا ڀائر ٻيجارام ۽ پرتاب بااثر ماڻهن راجو وڳڻ، سڪندر وڳڻ، ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين رضوان راجپوت، ضلع ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر اميد علي راڄپر جي چوڻ تي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا اهڙيون خبرون هلائڻ کان پوءِ جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.هنن چيو ته ٻيجارام ۽ پرتاب تي پڊعيدن ٿاڻي تي نياڻين جي ڏاج ۽ لکين رپيا ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي پر پڊعيدن پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن چيو ته اسان بااثر ڌرين تي ڪو ڪيس داخل ڪرائڻ نه ٿا چاهيون ڇاڪاڻ ته اسان غريب آهيون پر هو اسان جي ڀائرن جي پٺڀرائي ڪرڻ چڏي ڏين هي اسان جي گهر جو مسئلو آهي اسان پاڻ حل ڪنداسين ان باوجود جيڪڏهن اسان کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار مٿيان بااثر ماڻهو هوندا. هنن سيشن جج نوشهروفيورز ايس ايس پي سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.