مومل ماڙي ۽ 100 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽا، رهواسي عذاب هيٺ

مومل جي ماڙي ( رپورٽ:يونس ڀٽو ) سيپڪو خانپور مهر عملدارن پاران مومل جي ماڙي ۾ هڪ مهيني دوران 10 دفا بجلي ڪاٽي ڇڏي , سيپڪو عملدارن گذريل 2 ڏينهن کان مومل جي ماڙي سميت هڪ سئو کان مٿي ڳوٺن جي بجلي بلاجواز بند ڪري ڇڏي , سيپڪو جي اهڙي ڪاروائي سبب مومل جي ماڙي سميت ڳوٺ ارباب ڪلادي , نيوي چڪ , ولو مهر , علي مهر , جاڙو خان بوزدار , غلام محمد ڪلادي , مريد ڪلادي سميت هڪ سئو کان مٿي ڳوٺ گذريل 2 ڏينهن کان اوندائي ۾ ورتل آهن , سخت گرمي ۾ بجلي بند هجڻ ڪري گهر ۾ موجود عورتون ۽ معصوم ٻار عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور , جڏهن ته شهر جو ڪاروبار به بجلي نه هجڻ ڪري ٺپ ٿي ويو , سيپڪو جي اهڙي ڪاروائي سبب مومل جي ماڙي اندر پيئڻ جي پاڻي جي به شديد کوٽ پيدا ٿي وئي , جڏهن ته بجلي 3 ڏينهن کان بند هجڻ ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻان هن شديد گرمي ۾ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن , سيپڪو خانپور مهر جي اهڙي ظلمن خلاف مومل جي ماڙي جي سياسي , سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جو پريس ڪلب مومل جي ماڙي اڳيان سراج ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. , ان موقعي ته سراج ڀٽو , ذيڊ اي بخاري , محمد يونس , مير حسن سومرو , طارق شاھ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سيپڪو خانپور مهر عملدارن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هو هڪ مهيني اندر بلاجواز 10 دفا اسان کي شهر جي بجلي ڪاٽي ڇڏي , هاڻ اسان جي شهر توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ گذريل 2 ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي , جنهن ڪري اسان عذاب ۾ ورتل آهيون , شهر توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪربلا جو منظر آهي , پيئڻ جو پاڻي به ناهي پر بي رحم سيپڪو عملدارن کي رحم نٿو اچي ,ان موقعي ته شهرين چيف جسٽس ,وفاقي سرڪار ۽ سيپڪو چيف کي اپيل ڪئي ته خدارا هٿرادو بجلي بند ڪندڙ سيپڪو خانپور مهر جي عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري شهر جي بجلي بحال ڪرائي , جيئڻ جو حق ڏنو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.