ڳڙهي خيري ۾ برسات متاثر فاقاڪشي تي مجبور، ڌرڻو

ڳڙهي خيرو (ن ع آ) تعلقي ڳڙھي خيرو جي يونين ڪائونسل دوداپور, علڻ پور ميرانپور, محمدپور, خدا آباد ۽ ٻين يونين  ڪائونسلن م  برسات متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون, متاثر بي يارومددگار بڻيل سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل به ٻڏي ويو تيز برساتن سبب مختلف ڳوٺن جا ڪيترائي گھر ڊھي پيا مسلسل برساتن علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي پاڻي نيڪال لاء ڪو سهولت ناهي انتظاميا سندن  ڪا به واھر نه ڪئي فاقا ڪشي تي مجبور آهيون, سيد علي شاهه دادن ڪٽوهر هوت خان ڪٽوهر غلام مصطفي ڪٽوهر ۽ ٻيا شامل آھن. ٻئي طرف ڳوٺ يقين شاهه ڳوٺ رحيم خان ايري ڳوٺ عبدالرحمن ڪٽوهر ڳوٺ مريد خان ڪٽوهر ڳوٺ رحيم بخش ڪٽوهر ڳوٺ محبوب شاهه ڳوٺ خان محمد جتوئي ڳوٺ ولھاري خان ڪٽوھر خير محمد وانڍ ۽ ٻين ڳوٺاڻن سيد علي شاهه داد محمد ڪٽوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تازين برساتن سبب اسان جو الھ تلھ ٻڏي ويو آھي, ڪيترائي گهر ڊھي پيا آهن, لکين روپيا خرچ ڪيل ساريالو فصل به ٻڏي ويو آھي, برسات کي ويهه ڏينهن گذري ويا آهن اڃا تائين ڳوٺن زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب اسان جو هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ سوين ڳوٺ متاثر ٿيا آهن هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته تعلقي انتظاميا ڳڙهي خيرو ۽ ڊي سي جيڪب آباد آڏو ڪيترائي ڀيرا دانهون ڪوڪو ڪيا آهن جنهن جو ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کيس فصل جو معاوضو ڏيئي گهر تعمير ڪرائي کيس فاقه ڪشي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.