ڇور ۾ ڊي سي جو برسات متاثر علائقن جو دورو، شڪايتون

ڇور (ن ع آ ) ڇور ۽ ڀرپاسي  ۾ برسات سبب ٻوڏ ھيٺ آيل واٽر ڪورس نمبر 16 ،17 جي ھزارين ايڪڙ زمين  ۽ ڇور کان عمرڪوٽ ويندڙ مين روڊ کيت سنگھ موڙ تائين   پاڻي ھيٺ اچڻ جو جائزو وٺڻ ۽ اھو نيڪال ڪرڻ لاءِ  ڊي سي عمرڪوٽ نديم ميمڻ آيريگيشن انجنيئر  ۽ آفيسرن سان گڏجي بيٺل پاڻي جو معائنو ڪيو ۽ آبادگارن سان گڏجاڻي پڻ ڪئي، ان موقعي تي  آبادگارن طرفان انتظامياڪنهن به قسم جي مدد نه ڪرڻ جون شڪائتون ڪيو، ان موقعي تي ڊي سي  چيو ته اسان ڪافي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي آهي، ھن اريگريشن عملدارن کي ھدائتون ڏيندي چيو ته فورن واٽر ڪورس نمبر 16، 17 جي زمين بيٺل پاڻي ۽ روڊ ڇور بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ڇور ٽائون ڪاميٽي ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ   600 راشن جا بيگ ۽ ٽينٽ فراھم ڪيا وڃن پيا مڇر مار اسپري ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.