نبي سر ٿر ۾ برسات بعد مڇرن جو آزار، رهواسي بيمار

نبي سر ٿر (ن ع آ) نبي سر ٿر  ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برساتن دوران مڇرن جي آزار وڌڻ سبب ماڻھو توڙي چوپايو مال شديد متاثر  ٿيڻ لڳو آهي، جڏهن ته انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، ان حوالي سان ڪيٽل فارم راڻا واھ، دولت چانڊيو، الھو ڀيل، آريسرن جو تڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين رمضان،گلاب، ڇانگو، جاني، سومار،اڪبر، سڪندر آريسر  ۽ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته برساتن بعد علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي،  جنهن سبب مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، جڏهن ته چوپايو مال پڻ بيمارين وگهي مري رهيو آهي، ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي علاج ڪرائي مڇر مار ڦوهارو ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.