جيڪب آباد ۾ بدامني خلاف احتجاجي ريلي

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ آل پارٽيز پاران بد امني خلاف ڪالهه اٺين ڏينهن تي به سوين شهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري پريس ڪلب روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي جڏهن ته احتجاجي ريلي وڏي ميڙ جي صورت اختيار ڪري ورتي ان موقعي تي همدردي طور اڳوڻي ڪائونسلر مير هارون الرشيد سومرو شرڪت ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن عابد سنڌي .شاهد جوادي شعبان ابڙو. قلندر بخش چانڊيو. حافظ محمد رفيق بنگلاڻي .محبت علي چانڊيو ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي اسان جي احتجاجن جو پوليس ته نوٽيس نه ورتو جنهن سبب بدامني کي هٿي ملي آهي اسٽريٽ ڪرائيم چوريون ڦرون روز وڌن پيون اسان کي مجبور ڪيو ويو آهي احتجاج لاء اسان گهر ٿا ڪريون ته پوليس پنهنجون زميواريون سنڀالي شهرين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ شهرين جو سامان واپس ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.