مدئجي ۾ شاگرد جي گرفتاري خلاف وارثن جو ٿاڻي آڏو احتجاج

مدئجي (ن ع آ) مدئجي واسي منگي برادري جي عورتن ۽ مردن جو نائين ڪلاس جي شاگرد جي گرفتاري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف  ٿاڻي جي مک دروازي آڏو پاڪ ڪتاب سميت احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي,ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ عورتن مسمات سکان خاتون,مسمات زرينا خاتون,مسمات نينان خاتون منگي ۽ ٻين دانهيندي چيوته پوليس بنا ڏوهه اسان جي نائين ڪلاس جي شاگرد وجاهت  منگي کي چوري جو الزام لڳائي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي,جنهن بابت پوليس اسان کي ڪجهه به ٻڌائڻ لاء تيار ناهي. ,هنن چيوته پوليس گرفتار ڪيل کي هاف فراء ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ پوليس تشدد ذريعي سندس کان زوري چوري مڃرائڻ چاهين ٿا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شاگرد کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف مدئجي ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ اي ايس آء امتيازسومرو جي فرياد گرفتار ڪيل نائين ڪلاس جي شاگرد وجاهت منگي سميت پنجن ڄڻن خلاف پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.