لاڙڪاڻي ويجهو ٻني ۾ زرعي دوا جو ڦوهارو ڪندي عورت بيهوش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڳوٺ نور محمد ڪورڪاڻي ۾ زرعي زمين جي جيت مار دوا سبب عورت زيبل خاتون زال اعتبار ڪورڪاڻي بيهوش ٿي پئي جنهن کي وارثن  بيهوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي عورت کي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي بيهوش ٿيل عورت جي ڀاڻيجي سجاول ڪورڪاڻي ٻڌايو ته عورت زيبل خاتون ٻنين ۾ هارپو ڪري رهي هئي جتي جيت مار دوائون پيون هيون ان مان حوس اٿڻ جي ڪري هوءَ بيهوش ٿي پئي جنهن ڪري کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.

سکر ۾ خيرپور واسي ميونسپل ملازم جو دڪاندار خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) خيرپور واسي ميونسپل ملازم پاران خيرپور جي هندو دڪاندار ۽ بااثر رياض وساڻ جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو  تہ مان سال 2005 ۾ ماءُ جي بيماري سبب هندو دڪاندار چمن مل کان ستر هزار روڪ ورتا هئا جن مان هر مهيني 12 هزار روپيه قسط ڏيندي پنڌرهن سال گذري ويا آهن پر هن مهل تائين هندو چمن مل جي رقم نہ پئي لهي ۽ سورهن لک روپيا گهري رهيو آهي انڪار ڪرڻ تي خيرپور جي بااثر رياض وساڻ معرفت ڌمڪائي رهيو آهي.  ۽ بااثر رياض وساڻ سورهن لکن جو اسٽامپ پيپر لکي ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي انڪار تي جان کان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايڊيشنل آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان هندو دڪاندار ۽ بااثر رياض وساڻ جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

ڏهرڪي جي انجمن تاجران اڳواڻن جي سيپڪو جي عملدار سان ملاقات

ڏهرڪي (ت ر) انجمن تاجران ڏهرڪي جي وفد انجمن جي صدر سيٺ شنڪر لال، رمضان پيرزادو، غريب نواز علوي، سنجي ڪمار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊائريڪٽر ايس اينڊ آئي سيپڪو سکر ميراظهر علي ٽالپور سان واپڊا آفيس سکر ۾ ملاقات ڪري  شهرين کي بجلي جي درپيش ايندڙ مسئلن تي تفصلي ڳالهيون ڪيون. ان سلسلي ۾ انجمن تاجران جي اڳواڻن ٻڌايو ته اسان وفد جي صورت ۾ ڊائريڪٽر ايس اينڊ آئي سکر مير اظهر ٽالپر سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري شهر م گهرج مطابق نيا ٽرانسفارمر لڳائي پراڻين ۽ خراب ٽرانسفارمرن جي واپڊا ورڪشاپ تان مرمت ڪرائڻ ٺهرايا ۽ شهر جي ڪرشن نگر,سترام پوري ڪالوني ۽ شهر جا اهم علائقا جنهن جي مڪمل ريڪوري هجڻ باوجود واپڊا عملي پاران ڄاڻي واڻي شاهي بازار ايڪسپريس فيڊر مان الڳ ڪري انهن کي حافظ آباد فيڊر سان ڳنڊڻ ۽ شاهي بازار ۾ ايڪسپريس فيڊر هئڻ باوجود بنا جواز 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ جون لکت ۾ شڪائتون ڪيون آهن جنهن تي اسان کي ڊائريڪٽر شهر جا مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.