سرحد ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي جهيڙو، عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي

سرحد (ن ع آ ) سرحد ڀرسان مبينه ڦُر دروران ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي، علاج لاء  اسپتال منتقل، خبرموجب سرحد ڀرسان ڳوٺ علي ماڇي ۾ مبينه طور ڦر ڪرڻ جي معاملي تان ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مائي سمائي، مائي انورِ ۽ غلام رسول ماڇي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد پوليس پهچي زخمي کي ليٽر ڏئي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو، زخمين جو چوڻ هو ته پنجاب جي علائقي احمدپور لمه واسين محرم، مومن، جيوڻ، شبير، مکڻو، مٺڙو ماڇي ۽ ٻين ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي اسانکي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسانکي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس پارا واقعي جو نه ڪو ڪيس وغيره داخل ڪيو ويو آھي، نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آھي.

ميهڙ ويجهو خاصخيلي جو پاڻ ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ميهڙ (ت ر) ميهڙ ويجهو ٿرڙي محبت جي حد ۾ خاصخيلين جو پاڻ ۾ جھيڙو سروٽن ۽ لٺين لڳڻ ڪري ٻه ڄڻا خليل احمد ولد دلمراد خاصخيلي صدام  ولد ماستر وزير احمد خاصخيلي زخمي ٿي پيا جن کي ميهڙ تعلقه اسپتال آندو ويو جڏهن ته جهيڙو ڪندڙ رياض، فياض، مور، سهيل ولد جنسار جن جي مٿان ٿرڙي محبت ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.

 سلطان ڪوٽل لڳ  موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 2 ڄڻا زخمي

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) همايون شريف لڳ ڳوٺ فيض محمد ٻرڙو وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا نوجوان نويد احمد ٻرڙو ۽ پيرسن عبدالوهاب ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو….

خير محمد آريجا لڳ گڏهه گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ ميان اسحاق کوهارو روڊ تي يونيورسٽي ٿاڻي جي ڀرسان موٽر سائيڪل  سوار عبدالعزيز مڱريو شڪيل شيخ ۽ گڏھ گاڏي تي سوار غلام مصطفيٰ ابڙو قربان ابڙو ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار عبدالعزيز مڱريو کي منهن ۾ ڌڪ لڳا ۽ شڪيل شيخ جي ڳاٽهڙي ڀڄي پئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيا . ۽ گڏھ گاڏي تي سوار غلام مصطفيٰ ابڙو ۽ قربان ابڙو کي معمولي ڌڪ لڳا جنهن بعد موٽر سائيڪل سوار زخمين کي يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي پوليس ليٽر ڏئي لاڙڪاڻو اسپتال موڪليو اللّٰه ورايو مڱريو جي فرياد تي يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي اين سي داخل وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.