ڪلوئي جا برسات متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪلوئي ( رپورٽ : نواز لنڊ ) ڪلوئي ۾ ٻوڏ واري صورتحال بعد هزارين پورهيت بي گهر ٿي روڊن جي ڪنارن ۽ ڀٽن تي بي  يارو مددگار ويٺل آهن، پورهيتن عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪلوئي لڳ ڳوٺ کيتلاري وٽ احتجاج ڪيو، ڳوٺ محمد رحيم پاڙهو وڪيو پاڙو پونجو ڪولهي پاڙو ڀيل پاڙو ڳوٺ کاڙڪ ڄار جو پتڻ وسايو لنڊ پاڙو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين مولان ٻائي حقو لڇي پوڙهي ڀورو ڀيل اميد لنڊ علي محمد پونجو مل اميدو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان جا گهر ڪچا هئا جيڪي ايل بي او ڊي سم نالي کي ٽي گهارا لڳڻ سبب پاڻيءَ ۾ اچي ڪري ويا اسان ٻچا وٺي اچي ٿر ۾ سر لڪايو آهي.  گذريل ڏهن ڏينهن کان امدادي ڪاروايون هلڻ باوجود اسان پورهيت متاثر طبقي کي مسلسل انتظاميا پاران نظر انداز ڪيو پيو وڃي اسان مختيار ڪار ڪلوئي کي ڪيتريون ئي درخواستون پڻ ڏنيون آهن ۽ اسان جي ڳوٺن جي سروي ڪرڻ لاءِ چيو آهي پر ڪلوئي تعلقي جا روينيو عملدار جيڪي امدادي ڪاروايون هلائي رهيا آهن مختيارڪار تپيدار ڪلرڪن سميت سمورو عملو سياسي ماڻهن جي چمبي ۾ آهي جيڪي امدادي تمبو ۽ ٻيو راشن وغيره سياسي ماڻهن جي من پسند سفيد پوش ماڻهن ۾ چٺي ۽ فون ڪال وسيلي هلائي رهيا آهن هنن دانهيو ته اسان جا سالانا فصل ٻڏي ويا چوپايو مال مري ويو صرف ٻچا بچائي ٿر طرف نڪتا آهيون جتي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪکن جون جهوپڙيون ٺاهيون آهن ۽ ڪجھ ماڻهون وڻن هيٺ ويٺل آهيون پر هن وقت تائين ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار اسان جي ڪابه سار سنڀال نه آهي لڌي رهواسين دانهيو ته هڪ طرف اسان کليل آسمان هيٺ بکي پيٽ ويٺل آهيون ته ٻئي طرف برساتن جو ٻيهر سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب اسان جون حالتون انتهائي تنگ ٿي چڪيون آهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته امدادي ڪاررواين مان سياسي مداخلت ختم ڪري حقي حقي ٻوڏ متاثرن جي ساهتا ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ هو روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪندا.ٻئي طرف مختيارڪار ڪلوئي ساجد انصاري سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال نه کنئي جنهن سبب سندس موقف نه ملي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.