ڪوٽ غلام محمد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، ڪربلا جا منظر، احتجاج

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: الھداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد شهر سميت تعلقي ۾ پئيڻ جو پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي۔چئوطرف ڪربلا وارا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن ۔تعلقي جا رهواسي  پئيڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء ترسي پيا آهن ۔گهريلو زندگي پاڻي نه هئيڻ ڪري ٺپ ٿي وئي آهي ۔ڪوٽ غلام محمد واٽرسپلائي جا تلا خالي ٿي ويا آهن، ۔ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي عوام مٽ دلا ڪولر گيلن کڻي پاڻي جي ڳولا ۾ نڪري پئي آهي، ان حوالي سان  رهواسين ناريڻ داس ۔جيارام مالهي ۔صدام خاصخيلي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيندي چيو ته شهر ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، سخت پريشان آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.