پيرونمل ۽ ڀرپاسي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، واهر نه ٿيڻ خلاف متاثر سراپا احتجاج

پيرونمل (رپورٽ : مرتضي لغاري ) پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ برساتي جو پاڻي  اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگھيو رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور تقريبن ديھ پنيري جي علائقن ۾ جھڙوڪ ڳوٺ احمد  الدين لغاري ڳوٺ نظر لغاري ڳوٺ حاجي محمد لغاري ان کانسواء ديھ بھرم بري جا ڳوٺ جھڙوڪ ڳوٺ نورمحمدبگٽي ڳوٺ حاجي مبارڪ لغاري ڳوٺ مراد خاصخيخلي ڳوٺ جاڙو خان بگٽي ڳوٺ عيدن شر ڳوٺ رئيس نصير خان چانڊيو ڳوٺ رحيم شاھ ۽ ان کانسواء ٻيا ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين پاڻي هيٺ چونڊيل نمائيندن مان ڪنھن به سندن سار نه لڌي ۽ مٿي ڄاڻايل ڳوٺن ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اڃا تائين مڇر مار اسپري به نه ڪرايو ويو جنھن سبب ڪيترائي ماڻھو مليريا ۾ وٺجي چڪا آھن.  ۽ مسلسل برسات جو پاڻي بيھڻ ڪري جر جو پاڻي به خراب ٿي چڪو آھي جنھن سبب عوام پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙجي وئي هتي ڪجھ علائقن ۾ جيڪا اسپري ڪرائي وئي اها به منپسند ماڻھن ۽ پنھنجا نوازي تائين محدود رهي ڪجھ ڏينھن اڳ جڏهن بلاول ڀٽو ضلعي سانگھڙ جو دورو ڪيو هو جنھن ۾ هن پڻ ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي عمل ٿيو پر اهو به صرف پنھنجا نوازي ۽ منپسند ماڻھن تائين راشن ٽينٽ ۽ مڇر مار اسپري مخصوص جاين تائين محدود رهجي ويو ڪيترائي ماڻھو اڃا تائين بلاول ڀٽو زرداري جي ان اعلان جي آسري ويٺل آھن جيڪو سندن دوري دوران ڪيو ويو هو،هتان جي اهواسين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ  پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري ڊي سي سانگھڙ ۽ وس وارن کان پرزور اپيل ڪندي چيو ته خدارا هتي  جي عوام کي برسات جو پاڻي نيڪال مڇر مار اسپري ۽ راشن وغيره ۽ رليف ڏنو وڃي ۽ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.