ٽالهي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم، ٻوڏ متاثرن جو علاج

ٽالهي (ن ع آ) ڊاڪٽر تاج محمد ٽنگڙي طرفان ٽالهي ۾   ٻوڏ متاثرن جي علاج لاءِ   هڪ ڏينهن  واري   فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ 600 کان 700 مريضن  جو معائينو ڪري ڊاڪٽرن   هرچندرباري ۽ ڊاڪٽر پون ڪمار مريضن کي مفت دوائون ڏنيون، ان موقعي تي   ڊاڪٽر تاج محمد ٽنگڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته   اسين منظورحسين نون جا ٿورائتا آهيون جو اسان کي ڪيمپ لڳائڻ ۾ سهولتون فراهم ڪيون، ۽  هنن دوستن جا ٻه ٿورائتا آهيون جن ڪيمپ لڳائڻ ۾ پهنجو ڀرپور تعاون ڪيو.

حڪمرانن سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي:  راشد محمود سومرو

ٽنڊوباگو (ت ر) ٽنڊي باگي جي مدرسي اشرف العليوم  ۾ جميعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي  سميت تحريڪ انصاف وارن سنڌ جي ٻوڏ متاثرن  جي ڪاب مدد ن ڪئي ٻنھي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن سان ٽوپي ڊرامو ڪيو آھي ھن چيو ت سنڌ برسات جي متاثرن جي واھر ڪرڻ جي زميواري پيپلزپارٽي جي آھي پر انھن نااھلي جو مظاھرو ڪيو آھي ھن چيو پيپلزپارٽي جي حڪومت پڻ نااھل آھي.  ھنن کي برسات متاثرن جي مدد ڪرڻي ھئي پر پنھنجي پنھنجي نااھلي لڪائڻ لاءِ ھڪ ٻئي تي الزام بازي لڳائي رھيا آھن ھن چيو ت بلاول 2007 کان 2020تائين ھن علائقن ۾نه آيو  پر جي دير آيو درست آھيو ھن چيو ته صرف مال تي جيھڙو ھو ڪنھن ٿورو کاڌو ڪنھن گھڻو کاڌو بلاول صاحب کي ڪوڙين خيما بستين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ھا ڪوڙيون خيما بستيون قائم ڪري ھتان جي عوام سان ۽ سنڌ جي ماڻھن سان مزاق ڪيو ويو جيڪي نااھلي پڻ وزير اعلي سنڌ جي آھي بلاول ڀٽو کي انھي مامري جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.