ڪوٽڏيجي ۾ ڳوٺاڻن هٿان چور سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو شاھ ۾ نامعلوم چور اوطاق ۾ ننڊ ستل ڳوٺاڻي اعجاز علي سولنگي جو ٽچ موبائل  فون کڻي ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻو ننڊر مان جاڳي پيو جنهن رڙيون ڪرڻ تي وڏو تعداد ۾ ڳوٺاڻا گھرن کان ٻاھر نڪري آيا جن چور جو پيڇو ڪيو نامعلوم چور فهد ڪانٽا ڀرسان وونئڻن جي فصل ۾ لڪي ويهي رهيو جنهن کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اهڙو اطلاع ڪوٽڏيجي جي 15 پوليس کي ڏنو جنهن بعد پوليس اهلڪار پهچي ڪري نامعلوم چور کي گرفتار ڪيو. جنھن پنھنجو نالو سائين بخش ولد گل حسن جعفري طور ٻڌايو جنهن کي ڪوٽڏيجي ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪيو ويو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي ٻڌايو ته فريادي ڌر پاران هن وقت تائين رابطو ناهي ڪيو جيئن ئي ايندا ته اسان هن مٿان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪنداسين اگر هن سان گڏ ٻيو ڪو به ڏوهه ۾ ملوث هوندو ته ان کي به گرفتار ڪيو ويندو.

ٽنڊي مستي ۾ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال، موٽرسائيڪل ۽ رقم ڦر

ٽنڊومستي (ن ع آ)ٽنڊي مستي ٿاڻي جي حد قومي شاھراھ موساڻي اسٽاپ تان ٺري ميرواھ جي رهواسي غازي آٽوز جي مالڪ  عالمگير جلباڻي کان 2 موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن سي ڊي موٽرسائيڪل 2020 روڪ رقم قيمتي موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ڪري آساني سان  فرار ٿي ويا . غازي آٽوز جي مالڪ ٻڌائيندي چيو ته ٺري ميرواھه کان خيرپور ڪم سانگي وڃي رهيا هئا سي ته 2هٿياربند موٽرسائيڪل تي جيڪي سوار هئا اسان کي هٿيارن جي زور تي قومي شاهراهه تي سريعام  يرغمال بڻائي اسان کان نئين سي ڊي موٽرسائيڪل ماڊل 2020 ۽ کيسي ۾ پيل روڪ رقم قيمتي موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ڦر ٿيڻ جي ٽنڊومستي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آھي.  ۽ پر اسان کان هي ڦر قومي شاهراهه تان ٽنڊومستي پوليس جي نااهلي جي ڪري ٿي آھي ڇو ته  ٽنڊوستي ٿاڻي جي حد اندر ماڻهون قومي شاهراهه تي به سفر دوران محفوظ ناهن  ان ڪري وڌيڪ هنن ايس ايس پي خيرپور۔ڊي آء جي سکر۽ ٻين وسوارن  کان  گهر ڪندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ قومي شاهراهه تي امن امن واري صورتحال بحال ڪرائي اسان کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او خلاف نوٽيس ورتو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.