سفارش ۽ ڪرپشن ڪلچر انفراسٽڪچر تباھه ڪيو آھي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان حيدرآباد ۾ مختلف يونيورسٽيز جي شاگردن عابد علي،  عبدالقدير، محمد عرس، شفيق چانڊيو، عبيدالله مگسي جي اڳواڻي ۾ آيل وفدن  ملاقات ڪئي۔شاگردن جي وفدن سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ھجڻ سان گڏ وڏا چئلينج بہ آھن۔ ترقي جي تيز ترين دور ۾ سنڌ به تيزي سان تبديل ٿي رھي آھي۔ نوجوان جاگيردارن، وڏيرن جي بنگلن جا چڪر لڳائڻ بدران لائبريرين وڃي . سي ايس ايس ۽ پي سي ايس تياري ڪن ۽  ميريٽ ذريعي اعلي مقام جي منزل حاصل ڪن  علم جي تڙپ سنڌ جي نوجوانن کي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ناقابل شڪست بنائي ڇڏيندي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سفارشي ۽ ڪرپشن ڪلچر اسان جي انفراسٽڪچر کي تباھ ڪيو آھن۔ وزيرن ۽ ايم پي اي، ايم اين اي جي ھٿ۾ ڪجھ ناھي۔ سنڌ جو مستقبل نوجوانن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھٿ ۾ آھي۔ جيڪو ميريٽ لاء ڪوشش نٿو ڪري اھو ايندڙ دور جو اڻپڙھيو آھي۔ سڄي دنيا ۾ ميريٽ ذريعي اڳتي ايندڙ نوجوانن کي سڏي رھي آھي۔ آمريڪا، ڪينيڊا، چائنا، آسٽريليا، رشيا، جاپان ۽ ٻيا علم جي طاقت سان اڳتي وڌيل ملڪن جا اعلي تعليمي ادارا سنڌ جي ذھين ۽ علم لاء تڙپندڙ نوجوانن جي آجيان ڪري رھيا آھن۔ ھٿيارن جي طاقت سان دنيا فتح ڪرڻ جو دور گذري ويو۔ ھي دور ذھنن سان دنيا ۽ ملڪن کي فتح ڪرڻ جو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ گوسڙو ۽ سفارشي استاد، کنڊر تعليمي ادارا، گٽڪو ۽ ٻي منشيات پيپلز پارٽي جا تحفا آھن، جنھن سان نوجوانن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ارصلاح بھلڪاڻي، غلام محمد بليدي، ڊاڪٽر فياض نانگراج ۽ ڪنور راجہ پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.