حيدرآباد ۾ٽرين جي ٽڪر ۾ عورت فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ عورت پرسرار نموني ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي، علائقي ۾ خودڪشي جا چئوٻول هلندڙ.  حيدرآباد جي ڦليلي ٿاڻي جي حد اسلام آباد ڪالوني جي رهواسڻ 25 ورهين جي شگفتا زال محمد وقاص قاضي اسلام آباد ڦاٽڪ وٽ ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ وارث پڻ واقعي واري جاءِ تي پهتا، جنهن کانپوءِ لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.  هوڏانهن علائقي ۾ اهي چئوٻول هلندڙ هئا ته عورت گهران ڪاوڙجي پاڻ کي ٽرين جي هيٺيان ڇڏي خودڪشي ڪئي آهي، هن جي شادي 10 مهينا اڳ ڪراچي ۾ ٿي هئي، هو هن وقت مائٽن وٽ آيل هئي، گهر ۾ جهيڙو ٿيڻ کانپوءِ هو ڪاوڙجي گهران هلي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.