سرحد واسي نوجوان ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت

سرحد (ن ع آ ) سرحد ڀرسان ڳوٺ مريد مهر جو رهواسي نوجوان ارشد علي مهر ڀت ڪرڻ سبب فوت، ارشد مهر مزدوري جي سلسلي ۾  جهلم ويل هو جتي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، ڳوٺ وارثن کي اطلاع ملڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.  خبر موجب سرحد ڀرسان ڳوٺ مريد مهر جو رهواسي جيڪو پنجاب جي شهر جهلم ۾ مزدوري جي سلسلي ۾ ويل هو جتي مزدوري ڪرڻ دوران ڀت ڪري پئي جنهن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن فوري طور تي اسپتال نيو ويو ليڪن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جي وارثن کي اطلاع ملڻ کانپوءِ گھر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان کي ايمبولينس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ مريد مهر ۾ آندو ويندو جتي ويجھي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.