سرحد ويجهو فصل مان پيرسن جو لاش هٿ

سرحد (ن ع آ ) سرحد باءِ پاس وٽ ڪمند جي فصل ويجھو رستي سان ايندڙ ماڻهن پاران پيرسن جو لاش ڏٺو ويو جنهن بعد ماڻهن  پاران سرحد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جيڪي واقع واري هنڌ پهچي جتي لاش جي جيب مان شناختي ڪارڊ مليو جنهن جي سڃاڻپ گھوٽڪي جي گھوٽا مارڪيٽ جي رهواسي فضل الدين ولد عبد الرحمٰن نالي ٿي. سرحد پوليس پاران گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڪري انهن کي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد گھوٽڪي پوليس لاش سول اسپتال گھوٽڪي کڻائي وئي، اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ هو ته جڏهن اسين هت پهتاسين ته پيرسن بيهوش پيل هو ۽ هو ساهه به کڻي پيو ليڪن جلد ئي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.