قاضي احمد ويجهو ڪئنال مان لاش هٿ

قاضي احمد (ن ع آ)قاضي احمد ويجهو جمال شاھ اسٽاپ ڀرسان روهڙي ڪئنال جي ريگيوليٽر مان اڻ ڄاتل عورت جو ڪجه ڏينهن  پراڻو لاش هٿ آيو آهي جتي ريگيوليٽر جي دروازي ۾ ڦاٿل لاش ڏسي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس 4 ڪلاڪن بعد پهچي لاش ڪڍرائي ايڌي سينٽر قاضي احمد جي حوالي ڪيو ويو جيڪو ايڌي وارن قاضي احمد اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته جمال شاھ ريگيوليٽر کان ٿاڻو هڪ جريب جي مفاصلي تي هئڻ باوجود به پوليس اچڻ جي زحمت نه ڪئي ٻي پاسي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.