چيلهار ۾جڳهه جي مامري تان جهيڙو، ڀاءُ هٿان ڀاءُ زخمي

چيلھار ( رپورٽ جتيندر باغي ) چيلھار جي شاھي بازار ۾ جڳھ جي مامري تان ٻن سڳن ڀائرن وڏي ڀاء امولک مالھي ۽ ننڍي ممنو مالھي  وچ ۾ زمين جو سودو ڪرڻ واري مامري تي جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ٿيڻ نتيجي ۾ جڳھ جو سودو ڪندڙ ممنو مالھي  اسٽامپ پيپر ته لکاوت بعد زبان تان ڦرندڙ امولک مالھي کي مٿي ۾ ڪھاڙي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ٿيڻ بعد چيلھار ٿاڻي پھتو ٿاڻي کان ليٽر وٺٽ علاج لاءِ اسپتال موڪليو اھڙي واقعي بعد عوامي آواز چيلھار کي ممنو مالھي ٻڌايو مونکي جڳھ جو سودو ڪرڻو ھو سودو ڪرڻ کان اڳ مون پنھنجي وڏي ڀاءامولک کان پڇيو ته آئون پنھنجي جڳھ جو ديوار سان ديوار مليل پاڙيسري پريم مھراج کان جڳھ جو سودو ڪيان ٿو جڳھه ڏيان ٿو ۽ ان جو پلاٽ وٺان ٿو.  تڏھن امولک مالھي چيو ڀلين جڳھ تنھنجي ذاتي آھي جئين ڪر انڪري مون پاڙيسري پريم مھراج کي جڳھ ڏني پلاٽ ورتو پريم مھراج جئين جڳھ جو ڪم شروع ڪرايو ٽن ڏيھين ڪم ھلڻ بعد امولک پنھنجي زبان تان ڦري ويو لاڳيتو جھيڙو ڪرڻ جي سازش ۾ رڌل رھيو ڪل صبح جو سمجھايو پر نه سمجھيو انڪري آئون جذبات ۾ اچي ويس ڪجھ ھٿا پائي ٿي آھي باقي ايترو ڌڪ ناھي ھنيو جيترو اشو پيو ٺاھي ٻئي طرف پاڙي وارن چيو ممنو مالھي سودي واري ڳالھ ۾ غلط ناھي ھر قانوني ڪم ڪيو آھي اسٽامپ پيپر تي لکاوت ٿيل آھي صرف جذبات ۾ اچي جھيڙو ٿي ويو جيڪا غلط آھي جھيڙو نه ڪرڻو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.