گهوٽڪي ۾ گئس چورائيندڙ ٽولو گرفتار

گهوٽڪي (ن ع آ) گهوٽڪي ۾ گيس چوري ڪندڙ  گروھ پڪڙجي پيو , گهوٽڪي ٿاڻي تي ڪيس داخل , خبر موجب ڪيتري  عرصي کان گهوٽڪي مان ايل پي جي ڳاڏين مان گيس چوري ڪري وڪرو ڪندڙ گروھ نيٺ گهوٽڪي پوليس گرفتار ڪري ورتو , گهوٽڪي جي ايس ايڇ او موجب گهوٽڪي مان ايل پي جي ڳاڏين گيس چوري ڪري وڪرو ڪندڙ گروھ کي گيس چوري ڪندي ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو آهي , گروھ جي سربراھ اي ايس آء مير مهر , پير بخش گڏاڻي سميت 6 ڄڻن مٿان گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.