ڏهرڪي ۾ استاد جو شاگرد تي تشدد

ڏهرڪي(ن ع آ) ڏهرڪي ۾ ٽئين ڪلاس جي شاگرد مٿان ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد جو مبينا تشدد ،خبر موجب مسلم ڪالوني واسي ٽئين ڪلاس جي شاگرد وقاص ولد معشوق سومرو پنهنجي ڀاء قدير سومرو سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد ڌڻي بخش سومرو هڪ ڏينهن غير حاضر رهڻ تي مون تي ڏنڊن سان تشدد ڪيو آھي،وقاص جي ڀاء قدير ٻڌايو ته اسان اهڙي دانهن ٿاڻي تي کڻي وياسين پر پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي هن چيو ته اهڙي جنوني استاد خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي،هوڏانهن الزام هيٺ آيل  استاد ڌڻي بخش ٻڌايو ته الزام بي بنياد آھن مان تشدد ناهي ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.