ڪوٽڙي ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمون ناڪارا بڻجي ويون، پاڻي کوٽ، شهرين جو ڌرڻو

ڪوٽڙي  (رپورٽ: جبار ڪابورو)سائيٽ ڪوٽڙي 10 کان مٿي ڪالونين ڀٽائي ڪالوني، خدا جي بستي، ٻٻر چوڪ، مسلم ٽائون، غريب آباد ڪالوني، مسڪين ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۾ گذريل  ڪيترئي عرصي کان پاڻي کوٽ ھجڻ خلاف علائقي واسين خدا جي بستي کان احتجاج ريلي ڪڍي مارچ ڪري ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ۽ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪلابلا جي نعاري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن غلام عباس چانڊيو، گل بھار، امداد علي قادري ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترئي عرصي کان ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آھي.  ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جوڙايل واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون ناڪارا بڻيل آھن ھنن چيو ته ٽنيڪر مافيا پاڻي جا اگهھ وڌائي ڇڏيا آھن جنھن سبب غريب ماڻھن سخت پريشان آھن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪالونين ۾ پئيڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.