گهوٽڪي جي عدالت قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو

گھوٽڪي  ( ڊ ر ) تقريبن ٻه سال پھريان گھوٽڪي  جي سلاطين ھوٽل سامھون نيشنل ھاءِ وي تي ھٿياربندن نثار احمد ڪورائي کي سريا ھڻي قتل ڪيو ھو جنھن جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول جي  پيءُ نور احمد ڪورائي جي فرياد تي پنھنجي برادري جي محمد قاسم ڪورائي  ۽ سندس ڀائرن مولا بخش ڪورائي ۽ آصف ڪورائي مٿان داخل ڪرايو ھو جنھن جو ڪيس فرسٽ  ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪورٽ گھوٽڪي   جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو ۽ اڄ عدالت سڳوري ۾  ٻڌڻي ٿي ۽ ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل نياز احمد ڪورائي ۽ جوبدارن جي وڪيلن نالي واري قانوندان عبدالرحمان ککراڻي ابڙو ۽ ايڊوڪيٽ فقير محمد ٽانوري ۽ ايڊوڪيٽ محمد حسن مھر پڻ  پيش ٿيا ۽ وڪيلن  جي  دليل ٻڌڻ بعد  ڪيس  ثابت نه ٿيڻ تي ڄاڻايل جوابدارن کي عدالت  سڳوري باعزت بري ڪري ڇڏيو.  ۽ اھڙي فيصلي اچڻ بعد جوبدارن  جي وارثن وڪيلن عبدالرحمان ابڙو ايڊوڪيٽ فقير محمد ٽانوري ايڊوڪيٽ محمد حسن مھر  کي گلن جا ھار پڻ پارايا ويا ـ

ميهڙ ۾ نادرا آفيس ٻاهران موٽرسائيڪل چوري

ميهڙ (ن ع آ) ميهڙ ۾ گذريل ڏينھن نادرا آفيس ميھڙ مان ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ ويل ڳوٺ وڏي بيتل جي رهواسي مشتاق چانڊيو جي 17سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي، جنهن جي اين سي ميهڙ ٿاڻي تي داخل ڪرائي مشتاق چانڊيو چيو ته  ايس ايڇ او ڊي ايس پي ملڻ لاءِ تيار ناهن، هن ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرغ رضا ملڪ صاحب کي اپيل ڪئي ته چوري ٿيل موٽر سائيڪل جو نوٽيس وٺي مون غريب سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪورٽ سڳوري جو درکڙڪائيندس.

قاضي احمد ۾ ٿاڻي سامهون بيٺل ڊاڪٽر جي موٽرسائيڪل چوري

قاضي احمد (ن ع آ)قاضي احمد ۾ ڳوٺ شڪل خان چانڊيو جي رهواسين اڪبر کوسو منور کوسو شريف کوسو پريس ڪلب قاضي احمد پهچي احتجاج ڪندي  داهيندي چيو ته اج صبح تقريبن ڏھه وڳي اسان ڊاڪٽر عبدالعزيز انصاري جي ڪلينڪ تان تان دوا وٽڻ آياسين اسان ڪلينڪ جي سامهون سي ڊي موٽرسائيڪل 2016ماڊل گاڏي بيهاري هئي جلد ئي دوا وٽي ٻاهر نڪتاسين ته موٽرسائيڪل موجود نه هئي اسان فوري طور تي قاضي احمد ٿاڻي تي اطلاع ڏنوسين پوليس ڪلينڪ تي لڳل سي سي ڊي ڪئمرا مان فوٽيج به هٿ ڪري ورتي آهي پر نه اسان کي فوٽيج ٿي ڏئي نه ڪئي ڪا ڪاروائي اسان ايس ايڇ او قاضي احمد ايس ايس پي شهيد بينظير آباد آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جلد گاڏي موٽرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.