لاڙڪاڻي ۾ پوليس جا ڇاپا، 10 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، ٽريڪٽر ٽرالي ۽ تيل جي ٽانڪي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ڳيريلو پوليس گشت دوران ڏوهارين سان مقابلي دوران ٻن جوابدارن فدا ۽ عامر چنه کي پسٽل ۽ گولين سميت، باڊهه پوليس پارڪو پائيپ لائين مان تيل چوري ڪندڙ چئن جوابدارن مجيد ماڇي، ظفر ماڇي، امداد گوپانگ ۽ نثار بروهي کي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ تيل جي ٽانڪي سميت، مددگار بيس ون ڪنگا ٿاڻي جي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار رشيد عرف گڊو مڪراني بلوچ کي، الله آباد پوليس ڌاڙي جي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار صابر زهراڻي کي، دڙي پوليس چيڪنگ دوران روپوش جوابدار احمد بخش ابڙو کي ۽ ايئرپورٽ پوليس روپوش جوابدار شبير ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ميهڙ ۽ ڀرپاسي بدامني، چوريون ۽ ڦرون معمول

ميهڙ (ن ع آ)ميهڙ ۽ پسگردائي علائقي مان امن جو پکي اڏامي ويو چوريون ڦرون روز جو معمول بڻجي ويا ميهڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ  ڦورن جي آرام گاهه بڻيل ھر روز ڦرون معمول بڻيل نور شاهه بخاري ڀرسان نامعلوم هٿياربندن سنڌي ٻٽڙا پريس ڪلب جي صدر عاجزعجيب الله قمبراڻي جي ماسات شارخ قمبراني ۽ ثاقب جتوئي کان 10 هزار روڪ ٻه موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري  انھن کي ھڪ ڪلاڪ تائين يرغمال بڻايو جڏھن ته شاهھ رخ قمبراڻي جو ۽ ثاقب جتوئي جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته جڏهن اسان کان ڦورن ڦر ڪري ڇڏيو ته اسان جلد ئي پيٽرول پمپ تي ويٺل پوليس وارن پھتاسين ته اسان کان ڦر ٿي اوھان اسانجي مدد ڪريو ته انھن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي.

گهوٽڪي ۾ پوليس جون ڪارروايون، جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

گهوٽڪي(ڊ_ر)گهوٽڪي ضلعي اندر ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل جي هدايت تي جوارين  منشيات فروشن ۽ ٻين ڏوهارين جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڏھرڪي پوليس گشت دوران ڪارروائي ڪندي لنڪ روڊ ڀرچونڊي شريف وٽان جوابدار مير حمزھ پٽ شاھ محمد سندراڻي کي 1110گرام چرس سميت گرفتار ڪري سندس خلاف گناھ نمبر 197/2020 قلم 9c نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ٿاڻو داد لغاري جي ايس ايڇ او  گشت دوران ڳجھي اطلاع ملڻ تي ڪاروائي ڪندي رندن وارو موڙ لنڪ روڊ کروھي وٽان  جوابدارفتح محمد ولد محمد انور شر کي 1150 گرام چرس سميت گرفتار ڪري مٿس گناھ نمبر 39/2020 قلم 9c نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل  ڪري ڇڏيو آھي.

لاڙڪاڻي پوليس جي اشتهاري ڏوهاري صابر زهراڻي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي الهه آباد ٿاڻي جي پوليس هڪ اشتهاري جوابدار صابر زهراڻي کي ڌاڙي ۽ ڦر جي داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه الهه آباد ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي  ڇاپو هڻي خالق ڪالوني جي رهواسي صابر زهراڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گرفتار صابر زهراڻي اشتهاري جوابدار آهي جنهن سال 2015ع دوران شهر جي مينهل آباد پاڙي ۾ سجاد ديناري جي گهر ۾ ڌاڙي ۽ ڦر جي ايف آءِ آر ۾ اشتهاري ۽ پوليس کي گهربل هو. ٻئي پاسي الهه آباد ٿاڻي جي پوليس گرفتار جوابدار کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.