ڀرياسٽي مان 2 دڪانن جا تالا ٽوڙي چوري

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ڀرپاسي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو۔ گذريل رات سنجهي مان مين چوڪ تي اڻڄاتل چورن ٻن دوڪانن جا تالا  ٽوڙي هزارين ماليت جو ريزڪي سامان چور ڪري فرار ٿي ويا ۔ تفصيل موجب ڀرياسٽي جي مين چوڪ تي اڳوڻي وائيس چيئرمين حاجي اڪرم راجپوت جي ڪرياني دوڪان جا نامعلوم چور تالاٽوڙي هزارين ماليت جو کاڌ خوراڪ جو سامان ٻهاري ويا جڏهن ته ساڳئي رات ٻئي واقعي ۾ اعجاز احمد آگرو جي ڪرياني دوڪان جاپڻ تالا ٽوڙي سامان ٻهاري ويا ۔ جڏهن ته چورين جي وارڌاتن ۾ اضافي بعد شهرين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته شهرجي مين چوڪ وارا دوڪان محفوظ ناهن۔۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن۔ هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته خدارا ڏوهن تي ظابطو آڻي چوريون واپس ڪرائي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.