سيٺارجا لڳ شادي تقريب ۾ ايندڙ لاڙڪاڻي واسي حادثي ۾ فوت

سيٺارجا  (ن ع آ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد مھراڻ ھائي وي تي گابر شاخ لڳ ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب لاڙڪاڻي واسي موٽر سائيڪل سوار  نوجوان زوھيب احمد دستي شديد  زخمي ٿي پيو جنھن کي نازڪ حالت ۾ ميرواه اسپتال نيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ۔ٻڌايو ويو آھي ته فوتي نوجوان لاڙڪاڻي مان پنھنجي ويجھي مائٽ رجب علي دستي جي شادي تقريب ۾ آيل ھيو ۽ حادثي وقت گھوٽ رجب پڻ ساڻس گڌ ھيو پر ھڪ دوڪان تان سوڌو وٺڻ بعد ان موٽر سائيڪل تي چڙھڻ ۾ ڪجھ دير ڪئي.  ۽ فوتي روڊ تي چڙھي ويو ۽ سامھون ايندڙ ڪار سان ٽڪرائجي موت جو کاڄ بڻجي ويو ۽ گھوٽ معجزانه طور بچي ويو ۔ اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪار تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.