ماٿيلي لڳ ڳوٺ تي ڪاهه، ڀڃ ڊاهه، 2 ڄڻا اغوا، احتجاج

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو لڳ ڳوٺ سجاول ملڪ جي رهواسين جو پنهنجي ئي برادري جي بااثرن خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، ملڪ برادري جا بااثرن امداد، ميانداد، شاهنواز، گهرام الهوڌايو ۽ ٻين اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جي گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي، فصل  يلايو آهي، دوڪان ڀڃي، اناج سميت ٻيو قيمتي سان کڻي ٽريڪٽر ڪاهي ويا ۽ ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، پر پوليس ڏي ويا سون پر پوليس اسان جي مدد نه ٿي ڪري، ملڪ برادري جي مردن ۽ عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج، تفصيل موجب عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ سجاول ملڪ جي رهواسين جو پنهنجي ئي برادري جي بااثرن امداد، ميانداد، شاهنواز، گهرام، الهوڌايو ۽ ٻين خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ملڪ برادري جي مردن ۽ عورتن صاحبڏنو، غلام فريد، بخش علي، مائي اميران، مائي ظهران، مائي امينا، مائي نوربانو، مائي سومري ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته ڪجھ مهينا اڳ ملڪ برادري جو ممتاز ملڪ قتل ٿيو هيو جنهن جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار به گرفتار ٿيل آهن، ان باوجود به ملڪ برادري جي بااثرن جعفر، فرمان، مير حسن، بابر علي، ميانداد، شاهنواز، گهرام، الهوڌايو ۽ ٻين اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جي گهر ۾ ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي آهي، هنن چيو ته اسان جو 20 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل ڀيلايو آهي، ۽ دوڪان به ڀڃي اناج سميت ٻيو قيمتي سان کڻي ٽريڪٽر ڪاهي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته جوابدارن اسان جي ٻن ڄڻن منٺار علي، ۽ عبدالحميد ملڪ کي اغوا ڪري ويا آهن، پر اسان ڪيترائي ڀيرا پوليس ڏي ويا سون پر پوليس اسان جي مدد نه ٿي ڪري، ۽ اسان جي ڪا به ڳالھ نه ٿي ٻڌي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ، ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پپري مان 5 ڀائرن سميت 6 ڄڻا گم ڪرڻ خلاف ملير ۾احتجاج

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو)  ملير جي علائقي بن قاسم ٿاڻي جي حد يوسي پپري جي بگٽي ڳوٺ جي رهواسين محمد حنيف گاڏهي، رفيق علي، عبدالجبار ۽ علي ڏنو جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن پوليس گردي خلاف ملير پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي وارثن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل رات دير سان ٻن پوليس موبائلن ۽ هڪ اڇي رنگ جي ڪار ۾ سوار پوليس جي وردي پهريل ۽ ساده ڪپڙن ۾ ملبوس اهلڪارن اسان جي گهر جي ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي پنجن سڳن ڀائرن عبدالحق گاڏهي، عبدالواحد، عبدالرئوف، عبدالقيوم، عبدالوهاب ۽ سندن ڀيڻيوي محمد رفيق کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا، پوليس اهلڪارن گهر ۾ موجود عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو، گرفتاري جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ تي اسان کي دڙڪا ڌڪا ڏئي ڪري گاڏي تي سوار ٿي هليا ويا، پيرسن عورت دانهيندي چيو ته آئون بيواهه آهيان، الله کانسواءِ ڪير به مددگار نه آهي،منهنجي پنجن پٽن ۽ ناٺي کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، منهنجي پٽن ۽ ناٺي جو ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي سان تعلق نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث آهن، منهنجا پنج ئي پٽ ۽ ناٺي محنت مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر هلائيندا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اسان ملير ضلعي جي سمورن ٿاڻن ۽ ڪراچي جي سي آئي سينٽر سميت مختلف ٿاڻن تي معلومات ورتي آهي پر ڪٿي به سندن گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي، وارثن آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي ملير ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته گرفتار ڪيل ڇهن ڄڻن کي آزاد ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

لاڙڪاڻي مان گم نينگر نه مليو، اغوا جو شڪ، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سميع آباد پاڙي مان ٽي ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ستين ڪلاس  جي شاگرد 14 سالن جي نينگر محمد يوسف مگسي جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي وارثن طرفان نينگر جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪرڻ کان پوءِ پوليس هڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. گم ٿيل نينگر جي ڳولا لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي گم ٿيل نينگر جي چاچي محمد نواز مگسي پنهنجي وارثن ۽ مائٽن عامر، جاويد، نادر، محمد يعقوب، لال بخش، محمد بخش، محمد سچل، فتح علي، منٺار علي، محمد علي مگسي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجو ڀائيٽو گذريل ڇنڇر ڏينهن صبح جو يارهين وڳي گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن کي مٽ مائٽن، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي علي گوهر ٿاڻي جي پوليس، ايس ايس پي آفيس ۽ پوليس مددگار 15 کي اطلاع ڏنو پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي پر ان جي باوجود اسان کي شڪ آهي ته ڀائيٽي کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي ان لاءِ پوليس هڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي پر هن وقت تائين ڀائيٽي جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته پراسرار نموني گم ٿيل نينگر محمد يوسف مگسي کي بازياب ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

ڳاڙهي موري مان اغوا ڄاڻايل ناري ڪورٽ ۾ پيش

سکر(رپورٽر) پريالوءِ ڀرسان ڳاڙهي موري واسڻ هنڌو ناري پرشاڪماري پاران گهران نڪري اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو سميه  بي بي رکڻ بعد ڳاڙهي موري واسي نوجوان سيد صبور شاهه ولد سيد خادم حسين شاهه سان پرڻو ڪندڙ جوڙي سنڌ هاء ڪورٽ سکر بينچ ۾ جسٽس آفتاب حسين گورر ۽ جسٽس عبدالرشيد سومرو جي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ته کيس ڪنهن به اغوا ڪونه ڪيو آهي ۽ نه ئي ساڻس زبردستي مذهب مٽرايو ويو آهي.  هن پنهنجي رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري سيد صبور شاهه سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي . جنهن بعد سندس وارثن پريالوءِ ٿاڻي تي سندس اغوا جي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي آهي.  ۽ مان پنهنجي مڙس سان خوش آهيان جنهن بعد عدالت جوڙي کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏيندي پريالوءِ پوليس کي نوجوان جي وارثن سان ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خلاف ڪاروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي ۽ ناري جي وارثن کي ايندڙ مهيني جي 14 تاريخ کي طلب ڪري ورتو آهي جنهن بعد جوڙي رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻدايو ته هنن قانون جو رستو اختيار ڪندي گذريل ڏينهن عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪارئي هئي جنهن جي  اڳاري ڏينهن ٻڌڻي ٿي جتي ناري چيو مون پنهنجو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي اغوا جي معاملي تي بناجواز احتجاج ڪيا پيا وڃڻ مونکي ڪنهن به اغوا ڪونه ڪيو مون رضا خوشي سان اسلام قبول ڪندي پرڻو ڪيو آهي ڪو گناهه ڪونه ڪيو آهي جو منهنجي مڙس ۽ سندس ڀائرن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان جو گهر ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ٻڏڻي تي ان جو به فيصلو ٿي ويندو هن وڌيڪ چيو ته منهنجي اغوا جي ڪوڙي خبر تي احتجاج ڪندڙ هنڌو برادري کان سوال آهي ته جڏهن منهنجي ڀائرن کي هنڌو برادري شادي لاء سنڱ ڪونه ڏنو هو جنهن بعد منهنجي ڀاء باگڙي برادري مان شادي ڪئي ته اسان کي برادري مان  نيڪالي ڏني وئي هئي پوء منهنجي پرڻي تي انهن کي  تڪليف ڇو ٿي آهي مان پنهنجي مڙس سان خوش آهيان ۽ مان واپس ڪونه ويندس.

ڪي اين شاهه مان اغوا ٿيل همراهه مٿان 13 ڊي جو ڪيس داخل

خيرپورناٿن شاهه (نت ر) خيرپورناٿن شاه جي ڳوٺ ٿلهو مان دڪان تي ويٺل نوجوان سعيد احمد ڀرڳڙي کي هڪ هفتو اڳ ٻه نامعلوم  ماڻھن دڪان تان اغوا ڪري ويا هيا جيڪو ٿرڙي محبت پوليس اسٽيشن تي ظاهر سي آءِ پوليس ميهڙ خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي مقرر اي ايس آءِ ممتاز سولنگي جي فرياد تي ٿرڙي محبت پوليس اسٽيشن تي 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي هوڏانهن نوجوان سعيد احمد ڀرڳڙي جي والد عنايت الله ڀرڳڙي مهراڻ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي روئندي ٻڌايو ته منهنجو پٽ سعيد جنهن جي عمر 14 سال ٿيندي جيڪو گورنمنٽ مڊل اسڪول سائينداد لاکير ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙھندو هيو جيڪو پنهنجي ڳوٺ ٿلهو ۾ موبائيل دڪان تي ويٺو ته  هڪ هفتو اڳ 8 سيپٽمبر 2020 تي موٽر سائيڪل تي ٻه ڄڻا هٿيارن جي زور تي پٽ کي اغوا ڪري ويا.  جنهن جي رپورٽ اسين خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي داخل ڪرائي ايس ايڇ او سان مليا سين ايس ايڇ او پاڻ ڳوٺ اچي دڪاندارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه پيو اسين احتجاج ڪندا رهيا سين جيڪو مسلسل گم هيو هاڻي خبر پئي ان کي سي آءِ انچارج طارق لاکير اي ايس آءِ ممتاز سولنگي ان کي ٿرڙي محبت پوليس اسٽيشن تي من گهڙت ڪوڙي ايف آءِ آر  بنا جواز جي داخل ڪري منهنجي پٽ جي تعليم تباهه ڪري ڇڏي ان جي مستقبل کي خراب ڪيو ويو آھي اسان شريف پورهيت آھيون بيگناهه اسان سان سي آءِ اي انچارج ظلم زيادتي نا انصافي ڪئي وئي وئي آھي مان مسڪين آھيان مونسان قانوني مدد ڪري ظالم پوليس اهلڪارن خلاف انڪواري ڪرائي انهن کي سخت سزا ڏني وڃي آئون چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کان هٿ ٻڌي پر زور اپيل ٿو ڪريان نوٽيس وٺي مون مسڪين سان انصاف ڪري منهنجي پٽ مٿان داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي. رابطي تي سي آءِ ٿاڻي جي اي ايس آءِ ممتاز سولنگي ٻڌايو ته اسان رات جو گشت ڪري رهيا هيا سين ته ٿرڙي محبت لنڪ روڊ تي مسافر پير ڀرسان سعيد ڀرڳڙي بندوق هٿ ۾ ھيس رات جي ٽائيم روڊ تي بيٺو هيو اسان کي ڏسي کسڪيو اسين کي گرفتار ڪيو سين ان وٽ بندوق هئي بنا لائسنس واري ان تي ٿرڙي محبت ٿاڻي تي مون ڪيس داخل ڪرايو آھي باقي اسان سعيد کي اڳ ۾ ڳوٺان گرفتار ناهي ڪيو اسان کي ٿرڙي روڊ تان 11 تاريخ تي گرفتار ڪيو آھي

ڪنب مان کنڀيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

ڪنب (ن ع آ)ڪنب لڳ ڳوٺ حاجي شاهنواز سولنگي جي رهواسين عاشق حسين سولنگي اڪن سولنگي نويد سولنگي ۽ ٻين صحافين آڏو ڪنب پوليس خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو  ته ٻه ڏينهن اڳ اسان خيرپور جي سيشن ڪورٽ مان حاضري تان  ڳوٺ ڏانهن گاڏي تي  اچي رهيا هئاسين ته جسڪاڻي اسٽاپ ڀرسان ايس يڇ او ڪنب ۽ پوليس اهلڪار جيڪي سول ڊريس ۾ هئا اسان جي گاڏي جو اڳ ڏئي اسان کان تلاشي بهاني هڪ لک ستر هزار ۽ چارموبائل فون کسي ورتا ۽ اسان جي نوجوان نصير سولنگي کي گاڏي مان زبردستي لاهي پاڻ سان کڻي ويا ۽ اسان کي خطرو آھي ته ڪٿي اسان جي نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي يا هاف فرائي نه ڪري ڇڏين هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ايس ايڇ او ڪنب پوليس جي ناجائزين ۽ نوجوان کي کنڀڻ جو نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.