ٽنڊي الهيار ۾اسپتال اندر ماريل ڊاڪٽر جو قتل ڪيس داخل

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر) ٽنڊوالهيار شهر جي ڪيرياشاخ لڳ سخي وهاب ڪالوني ۾ ڪلينڪ اندر تيز آلي جا وار ڪري بيدردي سان قتل ٿيندڙ عطائي ڊاڪٽر لالچند باگڙي جو سندس ڀاءُ سيتا رام جي فرياد تي ماڇي هوٽل  جي رهواسي ناهيان برادري جي پنج ڄڻن حاجي حسن علي . منير . سجاد . ناصر ۽ يار محمد ناهيون تي ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدارن جي زرعي زمين تي اسان ڪم ڪندا هئاسين جتي اسان پنهنجو پڪو گھر ٺاهيو هو جنهن کي مذڪوره جوابدارن خالي ڪرائڻ لاءِ چيو هو جنهن جو فيصلو راڄوڻي طور تي ٿيو فيصلي کان رنجيدا ٿي انهن اهڙي ڪاروائي ڪئي آهي.  جڏهن ته پوليس ڪاروائي ڪندي حاجي حسن علي ناهيون کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب ايف آئي آر ۾ نامزد ماڻهن مان حاجي علي حسن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا لاءِ چاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.