وارهه اسپتال ۾ انتظاميا بلب به نه هڻايو، شهرين پاران جهولي کڻي چندا مهم

وارھ (رپورٽ: مظفر قاضي)  لکين رپين جي ماهوار بجيٽ هجڻ باوجود وارھ تعلقه سول اسپتال رات جي وقت اونداهي ۾ تبديل آهي، اونداهي سبب رات جي وقت ايندڙ مريضن کي موبائيل فون جي لائيٽ ٻاهري  انجيڪشن لڳائي چيڪ به ڪيو پيو وڃي، اسپتال ۾ روشني جو بندوبست نه هجڻ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، جڏهن ته  ٽارام سينٽر لاءِ آيل لکين روپين جو جنريٽر پڻ غائب آهي،ان حوالي سان   شھرين پاران اسپتال ۾ روشني سسٽم لڳائڻ لاء شهر مان جهولي فنڊ ڪري انوکو احتجاج پڻ ڪيو ويو، مظاهرين  ساحل سڪندر چولياڻي جيڪال ڪلهوڙو مجيب چانڊيو ، سني ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  تعلقي اسپتال ۾ لکين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود عوام کي ڪابه سهولت ميسر ناهي، اسپتال ۾ رات جي وقت اونداهي ڇانيل آهي، جڏهن ته علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي دوائون به  نه ٿيون ملن، هنن چيو ته  اسپتال ۾  32 ڊاڪٽر مقرر باوجود   صرف 4 ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، مظاهرين وس وارن  کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسپتال ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.