ڪنڌڪوٽ ۾ چاچڙ برادري جو چڱي مڙس تي ڪيس خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊر/ س ر)  ڪنڌ ڪوٽ  ڏينهن اڳ جاگيراڻي براردي جي ٻن ڌرين جھيڙي دوران قتل ٿي ويلن جو چاچڙ برادري  جي چڱي  مڙس رئيس عرض محمد چاچڙ سندس ٻن ڀائرن   سميت برادري جي 9 ڄڻن جا ڪيس ناحق نالا ڏيڻ خلاف چاچڙ  برادري جو پوليس جي زيادتي خلاف ڳوٺ حافظ ربنواز  چاچڙ ۾  عرض محمد چاچڙ ـ استاد محمد اسماعيل  چاچڙ  ـ استاد حفيظ  چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرين  پاران ايس ايس پي ھٽايو جا نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي  ڳوٺاڻن چيو ته  سازش تحت امن خراب ڪرڻ لاءِ  پوليس چاچڙ  برادري جي معزز ۽ چڱي مڙس سميت 9 ڄڻن جا قتل ڪيس ۾ نالا  ڏئي ڪري ناانصافي  ۽ ظلم ڪيو آهي  ايس ايس پي کي فوري طور ھٽائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڪيس ۾ نالو ڏيڻ ڪري   عرض محمد چاچڙ   پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته ايس ايس پي اسد رضا شاهه قتل جي ڪيس ۾ نالا ڏياري اسان کي ڏوھاري بڻائڻ  جي ڪوشش ڪري رھيو آهي، ڏوهارين کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيس ۾ نالا ڏنا ويا آهن، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.