ٺٽي ۾ اينٽي ڪرپشن جو بلڊنگس کاتي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ٺٽو (ڊ ر) پراوشنل بلڊنگس کاتي ٺٽي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ڪروڙين روپين جي گھوٻين جي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم  جو فرسٽ سول جج جي موجودگي ۾ ايگزيڪيوٽو انجئنير پراوشنل بلڊنگس جي آفيس تي ڇاپو هنيو، عملدار کسڪي ويا، ڇاپا مار ٽيم 3 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جاچ شروع، ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي ٺٽي جي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٺٽو ملڪ نذير احمد، سب انسپيڪٽر علي غلام زرداري ۽ فرسٽ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ واجد خان جي اڳواڻي ۾ پراؤشنل بلڊہگ ڊويزن ٺٽو جي آفيس تي ڇاپو ھڻي ٽن سالن 2017ع، 2018ع ۽ 2019.20ع جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٺٽو ملڪ نذير احمد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڇاپو ڊپارٽمينٽل انڪوائري جو حصو آھي، جڏھن ته ڇاپي دوران پراؤشنل بلڊنگس کاتي ۾ صرف ھڪ عملدار موجود ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.