احمدپور لڳ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر تي ڪاهه، ڇڪتاڻ، احتجاج

احمدپور (رپورٽ: نديم راجا ميتلو) احمدپور لڳ ڳوٺ واحد بخش ابڙو جو رھواسي معشوق ابڙو پاران سکر جي آباد ٿاڻي جي حد جي رهواسڻ. نوجوان ناري اسلام خاتون جوڻيجو سان پسند جو عدالتي پرڻو ڪرڻ کان  پوءِ ناري جا مائٽ جوڙي جا ويري بڻجي ويا آهن ڪالهھ ناري جا مائٽ جوڙي جي گهر پهچي جوڙي جي گهر گهر تلاشي ورتي وئي مزاحمت تي گهر ڌڻين عورتن ۽ ٻارڙن  تي تشدد ڪرڻ جي ڪوشش حراسان ڪرڻ جو اطلاع ڏيڻ کان پوءِ احمدپور پوليس پھچي 20 کان وڌيڪ ناري جي مائٽن کي ٿاڻي تي کڻي وئي ان ڏس ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي وارثن علي ڏنو ابڙو، اصغر ابڙو، حاڪم ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي  چيو ته جوڙي پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ ناري جا وارث قتل ڪرڻ چاهين ٿا روزانو مختلف طريقن  سان ڌمڪيون ڏئي ناحق پريشان ڪري رهيا آهن پوليس کين حراست ۾ وٺڻ بعد ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي گهرن تي ڪاهه جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو هنن ڊي آجي سکهر ۽ ايس ايس پي خيرپور کا گهر ڪئي ته جوڙي کي تحفظ فراهم ڪري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفط ڏنو وڃي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.