لاڙڪاڻي ۾ 6 مهينن بعد اسڪول کلي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪورونا وائرس جي وبا ڦهلجڻ جي ساڍن 6 مهينن کان پوءِ سمورا تعليمي  ادارا کلي ويا آهن، لاڙڪاڻي جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا وبا جي ڦهلجڻ جي خدشي سبب اسيمبلي نه ٿيو جڏهن ته سنڌ سرڪار جي فيصلي موجب شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ماسڪ پائي اسڪول ۾ داخل ٿيندا رهيا جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سينيٽائيزر جي استعمال سميت ڪلاسن اندر سماجي فاصلي کي برقرار رکي تعليم سرگرميون جاري رکيون. ان حوالي سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته پوري ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي سبب وفاقي توڙي صوبائي حڪومت تعليمي ادارن کي کولڻ جو بهتر فيصلو ڪيو آهي جنهن سان اسان ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.  هنن چيو ته اسين ساڍا ڇهه مهينا تعليم جي زيور کان محروم هئاسين هاڻي نئين جوش ۽ جذبي سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي تعليمي ادارن جي استادن جو چوڻ هو ته ساڍن ڇهن مهينن جي ڊگهي عرصي کان بعد ايس او پيز تحت تعليمي ادارن جي کلڻ سان جيتوڻيڪ شاگردن جي حاضري گهٽ آهي پر ڏينهن ڏهاڙن ۾ اها وڌي ويندي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري اختر حسين ڪوريجو طرفان شهر جي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سميت ٻين اسڪولن جو دورو ڪري پرنسپالن ۽ هيڊ ماسترن سان ملاقات ڪئي جتي هن ڪلاس رومن ۾ وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت هدايت ڪئي ته هو ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل درآمد کي يقيني بڻائن ۽ اسڪول جي احاطي ۾ دخل ٿيڻ وقت ماسڪ ضرور پائن جيئن جلد کان جلد ڪورونا وبا کي ختم ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.