شھيد صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل قانون جي ڪٽھڙي ۾

ايڊووڪيٽ امر امتياز

16 فيبروري 2020 جي اڀاڳي شام جنھن سنڌ ڌرتيءَ جي جوڌي ارڏي، غيور پٽ ۽ فرض شناس صحافي عزيز ميمڻ جي حياتيءَ جو ڏيئو گل ڪري ڇڏيو، سندس اولاد کي يتيم ۽ چاھيندڙن کي لاوارث ڪري رات جو ڪارو ڪفن پائي سمھي پئي.. ان اڀاڳي شام جا منظر شايد ئي حياتيءَ جي الوداعي موڙ تائين مونکان وسري سگھن..

شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي پر درد شھادت تي سندس انجنيئر ڀاءُ حفيظ ميمڻ سان تعزيتي ڀاڪر ڀري چيو ھيم ته وقت پوئي ته سڏ ڪجان.، هي شخص توسان ھر قدم تي گڏ ھوندو، ان وقت شايد حفيظ منھنجي ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ھئي،

16 فيبروري کان پوءِ مسلسل ڌرتيء جي ھن ارڏي پٽ شھيد عزيز ميمڻ جي سموري انٽروگيش ۽ پھرين جي. آءِ. ٽي ٺھي وڪامجڻ کان ٻي جي. آءِ. ٽي ٺھڻ ۽ انجي تمام تر ڪوششن ۽ ڪاوشن سبب وڃايل اصل جاءِ واردات وارو منظر ڳولڻ ۽ شھيد عزيز ميمڻ جي ٻيھر قبر ڪشائي جوابدارن جي وڃايل پيرن کي ڳولڻ تائين سڀ منظر مون سان شھيد جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ شيئر ڪري چڪو ھو. پر لڪل ڪي حقيقتون اھڙيون به آھن جن کي ناھي کوليو ويو. آئيني جي ھن پار ڪافي اھڙا چھرا لڪيل آھن جن کي وقت سر ظاھر ڪرڻ لاءِ موجوده G. I. T پڻ محتاط ٿي ڪم ڪري پئي ۽ شھيد عزيز ميمڻ جي حقي قاتلن کي سندن ڪيل ڪڌي عمل جي سزا ڏيارڻ تائين سندس وڪيل ھجڻ جي ناتي پڻ محتاط انداز ۾ ڪيس وڙھڻ منھنجو فرض آھي.

ڪئميرامين جيڪو شھيد عزيز ميمڻ جي آخري سفر جو ساٿي ۽ ھڪ حد تائين اکين ڏٺو شاھد پڻ آھي جنھن جو ايف آءِ آر ۾ باقاعدي نالو درج آھي، ذريعن مطابق اُنکي پوري جاچ دوران لاڪ اپ اندر يا ٻاھر رنگيلي بادشاھ واريون سهولتون ڇو ۽ ڪنھن جي چوڻ تي مھيا ڪيون ويون؟ ڇا ڪئميرامين کان ڪو مرضي ۽ منشا وارو بيان ڏيارڻ جي ڪري کيس لاڏلو رکيو ويو؟ ڇا ڪئميرامين سان ڪن ڏوھاري ماڻھن جي رابطن ۽ لاڳاپن جي ڪا نشاندھي ٿي؟ اگر ٿي ته انھن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙ تائين پھچي ڪا ڪارروائي ڪئي وئي؟ ڇا اوھانجي پريس بريفنگ ڪنھن نتيجي تي پھچڻ بجاءِ ويتر مونجھارا وڌائي ناھن ڇڏيا!! اوھان چيو ته ھيءَ قتل دشمنيءَ جي بنياد تي ٿيو آھي جڏھن ته فريادي حفيظ ميمڻ ايف آءِ آر سميت مختلف بيانن ۾ اھو واضح نموني چوندو رھيو آھي ته شھيد عزيز ميمڻ جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ڪا نه ھئي! ان باوجود اوھان چيو ته ملزم نذير سھتي جي ڊي اين اي جي مئچنگ رپورٽ آئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. سوال آھي ته نذير سھتي جي گرفتاريءَ جا چؤ ٻول ته ڪافي ڏينهن کان اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ ھئا ۽ اڄ اھڙو ئي اوھان کان سوال به ڪيو ويو پر اوھان ان جو ڪو واضح جواب نه ڏنو! اگر رپورٽ به آئي ۽ گرفتار به ٿيو ته پوءِ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ڪھڙي آڌار تي بيان ڏنو ته شھيد عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اسان اصل قاتل تائين پھچي ويا آھيون جنھن جو اعلان عيد کانپوءِ ڪيو ويندو.

سوال آھي ته سائين مراد علي شاهه کي اھو سڀ ڪجھه عيد کان اڳ ڪيئن معلوم ٿيو جنھن جي تصديق اوھانکي ھاڻ ٿي آھي!!؟ ڇا ھڪ آزاد ۽ غير جانبدار جي آءِ ٽي ڪنھن اھڙي وزيراعليٰ سان پنھنجي جاچ جا اھم موڙ ۽ محرڪات وقت کان اڳ شيئر ڪرڻ جي مجاز آھي جيڪو وزير اعليٰ به ساڳي حڪمران جماعت جو ھجي جنھن جي ھڪ ايم اين اي تي قتل جو الزام ھجي!؟ اوھان جاچ جو وسيع تجربو رکو ٿا، جتي ليبارٽريون شراب کي ماکي قرار ڏين، اتي ڪيس جي رخ ڦيرائڻ لاءِ ڊي اين اي رپورٽ صحيح يا غلط اچڻ يا مرضيءَ سان ڪرائڻ ڪيترو آسان ھوندو؟

ايترن سوالن، ثبوتن، خدشن ۽ جاچ ۾ ڪيل ڪوتاهين ۽ ناانصافين ھوندي به اگر واقعي اوھان سمجھو ٿا ته نذير سھتو ۽ ان جا ساٿي ئي قاتل آھن ۽ سندن ماسٽر مائينڊ مشتاق سھتو آھي ۽ اڳتي ھلي انھن جي لنڪ اگر ڪنھن پيپلز پارٽيءَ جي مقامي سياسي مخالف سان جوڙي وڃي ٿي ته پوءِ اھا پوري جاچ سواليه نشان بڻجي ويندي يا نه !!؟ ھي اُھي سوال آھن جن کي G. I. T سربراھ غلام النبي ميمڻ واضع نه ڪري سگھيو ۽ اڄ به اھي سوال سوال ئي آھن، جنھن سبب موجود صحافين يا شھيد عزيز ميمڻ جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ جي من ۾ مايوسي ضرور ٿي ھوندي پر اھو به ٿي سگھي ٿو ته قانوني پيچيدگين سبب ڪجھه ڳالھيون وقت کان پھريان ظاھر ناھن ڪري سگھبيون.

سموريون وضاحتون وقت تي سامھون اچي سگھن ٿيون ڇوته ايماندار آفيسرن جي مقرري ٿيل آھي, ھن ڪيس ۾ ۽ اھا به جس جھڙي ڳالھه ته ايتري اڳڀرائي ھن ڪيس ۾ ٿي آھي جنھن جي آڌار تي 7 جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل ٿي چڪا آھن ۽ وڪيل دوست نثار ڀنڀرو سان گڏ مون ناچيز قانون جي ننڍڙي طالب علم وڪيل سندن ضمانت پڻ ماڊل ڪورٽ نوشھرو فيروز مان رد ڪرائي، جتي شھيد عزيز ميمڻ جي وارثن جي آلين اکين مان وھندڙ ڳوڙھن جو ننڍڙو تدارڪ ڪيو آھي ۽ کين پر اميد ڪيو آھي ته شھيد عزيز ميمڻ جي ناحق خون سان انصاف ضرور ٿيندو، نه ته پھريان واري G. I. T وري ڪارڪردگيءَ تي ھلجي ھا ته سواءِ ھٿ ملڻ جي اسان وٽ ڪوبه چارو نه ھجي ھا. شھيد عزيز ميمڻ لاءِ دعائن سان گڏ سنڌ جي ھن ارڏي پٽ کي سلام پيش ڪجي ٿو، جنھن پنھنجي حياتيءَ کان وڌيڪ پنهنجي شھادت وقت دجال کي لوڏي ڇڏيو آھي اميد ته ھو جلد قاتلن جي لسٽ ۾ اچي تخت ڌار تي پنھنجو انت ڏسندو…..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.