قبضي جو هڪ نئون عمل

ايڊيٽوريل

ميڊيا ۾ خبرون آهن ته ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ترسايل رينجرز پاران سنڌ جي هڪ تاريخي تعليمي اداري ڊي جي سائنس ڪاليج تي والار جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن عمل هيٺ ڪاليج جي گرائونڊ جي هڪ ديوار ڊاهي پٽ ڪئي وئي آهي، استادن ۽ ڪاليج جي انتظاميان پاران تڪڙي احتجاج سبب رينجرز پاران انهن سان رضا نامي سان گڏ معذرت جو مظاهرو ته ڪيو ويو آهي پر استادن ۽ ڪاليج انتظاميا ۾ گهڻو تاءُ آهي نتيجي ۾ هنن سخت احتجاج جو فيصلو پاڻ وٽ محفوظ رکندي، سنڌ جي وڏي وزير کي اهڙي ناجائز والار جو اطلاع ڏيڻ ضروري سمجهيو آهي.

جيتوڻيڪ اهڙو اطلاع وڏي وزير کي ۽ تعليم واري وزير کي سوشل ميڊيا معرفت اڳ ئي پهچي چڪو هوندو پر ڪاليج انتظاميا اهڙي لاقانونيت خلاف قانوني طور تي اهو مناسب سمجهيو آهي، هو اهڙو اطلاع سنڌ حڪومت جي اڳيان آڻين ۽ ان کي هن جارهاڻي والار خلاف سخت قدم کڻڻ لاءِ عرض رکن.

سُڌ هجڻ گهرجي ته ڊي جي سائنس ڪاليج سنڌ جي تعليم ۽ تهذيب جو هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جو وجود اڄوڪي سنڌ لاءِ مقدس درجو رکي ٿو، ان ڪري جو هيءُ ڪاليج ملڪ جي جڙڻ کان اڳ جو آهي جنهن ڪري هن جي اهميت نه رڳو تعليم جي حوالي سان اهم آهي پر هيءَ سنڌ جي هڪ اهڙي عمارت آهي، جيڪا تاريخ ۾ به شامل ڪيل آهي، ان سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان هٿ چراند آهي.

هن ناجائز والار جي مذمت ان ڪري به ضروري آهي ته هيءُ ڪاليج فقط هڪ عمارت نه آهي پر هڪ تعليمي ادارو آهي، جيڪو اڄ جي تاريخ تائين هلندڙ آهي، ان اداري ۾ علم پڙهايو ٿو وڃي. هيءَ والار هڪ اهڙي اداري جي بيحرمتي آهن جنهن جڙڻ کان وٺي نه رڳو رسمي تعلم ڏني آهي، پر هي اهڙو ادارو آهي، جنهن سنڌ کي تعليمي حوالي ۾ اعليٰ دماغ به ڏنا آهن جن جو انگ نهايت وڏو آهي.

ڪنهن به طرح هن جي والار ته هڪ ڳالهه آهي پر هن اداري جي هڪ سِرَ، هڪ هڪ انچ سنڌ جي ساڃاهه وٽ احترام وارو درجو رکندڙ آهي، ان اداري جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کي اسين سنڌ جي سڀني ماڻهن سميت هڪ اهڙو عمل سمجهون ٿا جيڪو نه رڳو گهڻي مذمت جي لائق آهي پر اهو سنڌ جي علم جو تقدس پائمال ڪرڻ برابر به آهي.

هن عمل کي اسين بندوق جي زور تي تعليم کي فتح ڪرڻ برابر سمجهون ٿا ۽ سنڌ جي عمارتن تي قبضي جي شعوري ڪوشش به سمجهون ٿا.

ڊي جي سائنس ڪاليج تي قبضي کان اڳ هٿياربند فورسز پاران اهڙي ناجائز والار/ قبضي وارا عمل ڪراچي ۾ ڪيترائي ٿي چڪا آهن، ان ڪري انهن فورسز جي سربراهن سميت، ملڪ جي اعليٰ اختيارين کي ان طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو ته اهي پنهنجي ادارن هٿان هن ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي اهم ۽ مقدس ادارن جي تحفظ لاءِ يقيني طور پنهنجو فرض بجا آڻين ۽ اهڙي ڪنهن به عمل جي روڪٿام ڪن جن عملن سان انهن ادارن لاءِ عام ماڻهن توڻي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۾ ناڪاري تصور جڙڻ لڳن.

ڊي جي سائنس ڪاليج جهڙي هڪ اهم اداري جي آبرو مليا ميٽ ڪندڙ رينجرز جي سنڌ سربراهه پاران ان اڻ وڻندڙ عمل جي انڪوائري ڪرائي ملوث عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي، ساڳي وقت اهڙي ناجائزيءَ تي ڪاليج جي انتظاميا کان معافي ورتي وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان کي بندوق کان وڌيڪ ڪتاب جي علم جي آبرو گهرجي ٿي، جيڪي قومون ۽ ملڪ پنهنجي تعليمي ادارن جي تقدس کي لتاڙين ٿا اهي ڪنهن طرح ملڪ جا ۽ قانون جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن، انهن ملڪن ۽ قومن شايد اِهو وساري ڇڏيو آهي ته ڪتاب ڪيترن ئي هٿيارن کان وڌيڪ مقدس آهن.

اسين وفاقي توڻي سنڌ حڪومت کان گهر ڪريون ٿا ته ڊي جي سائنس ڪاليج جي بيحرمتيءَ جو جلد ازالو ڪيو وڃي، ان عمل ۾ شامل شخصن کي نوڪريءَ کان فارغ ڪيو وڃي ۽ ان گناهه جي تلافيءَ طور اداري جي سربراهه سميت سنڌ سان معذرت ڪئي وڃي ۽ ان عمل کي يقيني بڻايو وڃي ته اهڙي حرڪت وري ڪڏهن به نه ڪئي ويندي سنڌ جي تعليم ۽ تعليمي ادارن سميت تاريخي عمارتن جو مرتبو بحال رکيو ويندو پر اهو سڀ ان مزاحمت يا احتجاج کان اڳ ڪيو وڃي، جيڪو امڪاني طور ڪاليج انتظاميا سميت سموري سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ علم دوستن پاران روڊن، رستن ۽ ڪراچيءَ جي شاهرائن جي زينت بڻجي.

علم ورهائيندڙ ڪراچيءَ جي روڊن تي احتجاج ڪن، اهڙو عمل ٻنهي، وفاقي حڪومت توڻي سنڌ حڪومت لاءِ گهڻي گهڻي بدناميءَ جو سبب بڻبو، ان کان بچاءَ لاءِ تعليمي ۽ تاريخي عمارتن تي قبضو ڪندڙن خلاف پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت قدم کنيا وڃن ۽ انهن عمارتن کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي، پنهنجي حڪومتن ۽ ادارن جي آبروءَ جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ بدناميءَ کان بچيو وڃي.!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.