تحريڪ انصاف کي نئون نظريو آڻڻو پوندو

نصرت جاويد

عمران حڪومت بابت هاڪاري تاثر کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪي ماڻهو ميڊيا سان لاڳيتو رابطي ۾ رهندا آهن انهن مان ڪنهن هڪ سان به منهنجي ذاتي واقفيت ناهي، پر اسان جي ميڊيا جي ڪجھه بااثر دوستن سان سالن کان پراڻا رشتا آهن. اهي منهنجي ڪنڊائتو ٿيڻ جي باري ۾ واقعي فڪرمند رهندا آهن. وڏي خلوص وچان اهو چاهيندا آهن ته آئون محفل بازي ڏانهن موٽي اچان. ٻٽاڪ پڻ ۽ حوال پڻي جي رونق برقرار رهي.

پر گذريل ڪجھه مهينن کان اهي ذاتي طور ڏاڍا پريشان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. ٽي وي صحافت سان واڳيل ساٿي خاص طور تي وڏي دٻاءَ ۾ آيل محسوس ٿيندا آهن. حڪومتي ترجمانن جي اڪثريت بضد آهي ته ميڊيا انهن سان “دوستاڻي” ناهي. “ناڪاري خبرون” موجود نه به هجن ته انهن کي “گھڙڻ” جا موقعا ڳوليندي رهندي آهي. منهنجا دوست انهن کي مطمئن ڪرڻ جي رستي تي نظر نه پيا اچن. گذريل هفتو ان حوالي سان وڏو ڇڪتاڻ وارو رهيو.

لاهور ۾ پوليس جي ساک ۽ داٻو بحال ڪرڻ لاءِ وڏي سوچ ويچار کانپوءِ عمر شيخ صاحب کي مڪمل اختيار ڏئي ان شهر اماڻيو ويو، پر ان جي مقرري اڳوڻي آءِ جي پنهنجي توهين محسوس ڪئي. ميڊيا تي رونق لڳائڻ وارو قضيو اٿي پيو. ان جي ڪري عمر شيخ صاحب کي تڪراري بڻائڻ واري “ڳجھي رپورٽ” به منظر عام تي اچي وئي. عمران حڪومت جي “سڌارا پسندي” تي سوال اٿڻ لڳا. عمران خان صاحب جي مخالف ڌر جي زماني ۾ ٿيل تقريبن جا وڊيو ڪلپس به ڪڍياويا. انهن کي هلائيندي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ٿي ته واعدا ته پوليس کي “عوام دوست” ۽ “سياست کان پاڪ” ڪرڻ جا ٿيا هئا.

اڃا اهو قضيو شروع ئي ٿيو هو جو لاهور_سيالڪوٽ موٽروي وارو دل ڌوڏيندڙ واقعو پيش اچي ويو. انڌي نفرت ۽ عقيدت کان مٿانهون ٿي سوچيون ته ڄاڻايل واقعي کان هڪدم پوءِ عمر شيخ صاحب “علمِ سماجيات” تي ٻڌل جيڪا ٿيوري برجستو ٿي بيان ڪئي اها هر حوالي سان غير مناسب هئي. ان پڙهيل لکيل وچولي طبقي جي عورتن کي جائز بنياد تي چڙ ڏياري. ان ڏس ۾ ذاتي تجربو بيان ڪرڻ ضروري آهي. منهنجي ننڍڙي ڌيءُ هر لحاظ کان غير سياسي آهي. اخبارون ته اڄ جا ٻار پڙهندا ناهن. ڪڏهن ٽاڪ شوز ڏسندا هئا. ڪافي وقت کان جيتوڻيڪ انهن اهي به ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. انهن شوز جي مقبوليت جي عروج وارن ڏينهن ۾ به منهنجي ننڍڙي ڌيءُ انهن جي ڏسندڙ ناهي رهي.

ڪورونا جي ڏينهن کان ان کي کاڌو پچائڻ جو شوق ٿي پيو آهي. يوٽيوب تي ويندي کاڌا پچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف رهندي آهي. گذريل هفتي آئون ان وقت حيران ٿيس جڏهن هن مونکي ڄاڻ ڏني ته هوءَ اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران لاهور واقعي جي مذمت واري احتجاج ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي آهي. ان ذاتي تجربي سان مون کي اندازو ٿيو ته ٺُپ غير سياسي ٻارڙيون به لاهور_سيالڪوٽ موٽروي تي ٿيل وحشت جي ڪري پريشان، دهشت ۾ آيل ۽ چڙيل رهيون آهن.

تحريڪ انصاف پاڪستان جي اها پهرين سياسي پارٽي آهي جيڪا سوشل ميڊيا ذريعي اڀريل ۽ پکڙيل جذبن کي ڪمال جي مهارت سان هڪدم ڄاڻي وٺندي آهي، ڊجيٽل ڊيٽا جو سائنسي بنيادن تي جائزو وٺندي هوءَ چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ يوٽيوب ذريعي پنهنجي ترجيح جي نظريي يعني نَيريٽِو کي ڪيئن هٿي ڏيڻي آهي. روايتي ميڊيا جي ساک کي ان پارٽي جي جذباتي ڪارڪنن “ويڪائو” ۽ “لفافا” جي تڪرار سان هونءَ ئي سخت ڌڪ رسايو آهي. ٽي وي اسڪرينن تي ان پارٽي جا ناقد اينڪر پنهنجي ادارن کي “مالياتي بحران” جو شڪار بڻائيندي به محسوس ٿيا. انهن کان آخرڪار نوڪريون به ويون.

روايتي ميڊيا جي ساک کي “وائکو” ڪرڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف يوٽيوب ذريعي پنهنجي نظريي جي مشهوري لاءِ حق گو ۽ وڏي آواز وارن صحافين جو هڪ گروهه به ڳولي ورتو. انهن جا سبسڪرائبرس لکن ۾ آهن. انهن جي اثر کي ڏسندي تحريڪ انصاف جي نظريي سازن کي ان فڪر کان آزاد ٿيڻ گھربو هو ته “ويڪائو” ميڊيا ۾ ڇا شايع ۽ نشر ٿي رهيو آهي، پر ائين ٿئي نه پيو. “پراڻي” ميڊيا کي سڌي رستي تي رکڻ جون ڪوششون لاڳيتو جاري آهن. ائين ڪندي اها حقيقت وساري ويندي آهي ته ميڊيا جي ساک صرف ان ئي صورت برقرار رهندي آهي جڏهن اخبارن ۽ ٽي وي اسڪرينن تي “سئو ڦول اپني بهار” ڏيکاريندي نظر اچن. هن حڪومت جا ميڊيا مينيجرز سمجھي ئي نه پيا سگھن ته سوشل ميڊيا بنيادي طور تي ريج يعني ڪاوڙ ۽ مڇرائڻ جي برجستي ۽ اثرائتي اظهار جي سهولت فراهم ڪندي آهي.

لاهور _سيالڪوٽ موٽروي تي ٿيل واقعي ان ميڊيا لاءِ هر حوالي سان ڏاڍو ئي طاقتور ڪنٽينٽ يعني مواد فراهم ڪيو. عمر شيخ صاحب جون سماج سڌار ٿيوريون ان جو ٽوڙ فراهم نه پئي ڪري سگھيون. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته لاهور_سيالڪوٽ موٽروي تي ٿيل سانحي جي ذميوارن جي فرانزڪ ۽ موبائل فونز تي ڪرڙي نظر رکڻ وارين سهولتن جو ڀرپور استعمال ڪندي پتو لڳايو وڃي ها. روايتي ۽ سوشل ميڊيا تي برپا ٿيل هُل کي نظرانداز ڪندي ان سانحي جي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ اڄ جي ڊجيٽل زماني ۾ هر صورت ممڪن هو. هدف تي ڌيان ڌرڻ بدران پنجاب انتظاميا ۽ ان جا ترجمان “نظريي” جي جنگ ۾ ڦاسي پيا، پر “نظريو” پڪي مواد جو مطالبو به ڪندو آهي.

ان کان سواءِ دنيا جو اسمارٽ ترين اسپن ڊاڪٽر به “ناڪارا” کي “هاڪاري” ثابت نٿو ڪري سگھي، پر سڄي دنيا جي حڪمران اشرافيا “تجزيي” کي حقارت جي نگاهه سان ڏسندي آهي. ائين اهو غرور ٿيندو آهي ته هو عقلِ ڪُل آهن “حق” جي ڳالهه اها ئي آهي جيڪا اهي بيان ڪن. ٽرمپ جي لکيل ٽوئيٽ تي سوال اٿاريندڙ “عوام دشمن” سڏيا ويندا آهن. دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويدار ملڪ ۾ جيڪڏهن حڪمران ائين سوچي ٿو هتان جي حڪمرانن تي ڏوهه ڇو ڏجي؟ اسان ته صدين کان سلطانن ۽ بادشاهن جي “ذهانت” آڏو سر جھڪائڻ جا عادي رهيا آهيون. “سرڪار” هميشه “مائِي باپ” سمجهي ويندي رهي آهي. ان کي “نادان ٻارن” کي “ڏنڊي” سان سڌو رکڻ جو حق به حاصل رهيو. توهان ۽ آئون پسند ڪريون يا نه زمانو هاڻي وڏي تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي.

ٻِي مهاڀاري جنگ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ حڪمراني جا جيڪي ڍانچا رائج ٿيا هئا هن صدي جي شروعات ۾ وڏي تيزيءَ سان شڪست کائڻ شروع ٿي ويا. رياست جي رعب ۽ داٻي کي برقرار رکڻ لاءِ ان ڪري قومي ۽ مذهبي بنيادن تي ٽرمپ جهڙا Populist ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا. ترڪيءَ جو اردوان “خلافتِ عثمانيه” جي عظمت ۽ وسعت بحال ڪرڻ جي مشن تي لڳي ويو. اسان جي پاڙي ۾ نريندر مودي هندوانتهاپسنديءَ جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ جُٽي ويو. عمران خان صاحب ڪيترن ئي حوالن سان سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ان نئين روايت جو نمائندو هو. سياستدانن جو روپ ڌاري “چور ۽ لٽيرا” ان جا دشمن هئا. انهن هن “پارلياماني نظام” کي پاڙان پٽڻ جو واعدو ڪيو جيڪو “وارا” وٺندڙ “موروثي سياستدانن” جو غلام ٿيل نظر اچي رهيو هو.

ٽرمپ “آمريڪا فرسٽ” ۽ برطانيا جي بورس جانسن بريگزٽ جي نالي تي جيڪي خواب ڏيکاريا هئا اهي ساڀيان نه ٿي سگھيا. نريندر مودي جي “54 انچ ڇاتي” لداخ ۾ چيني فوج جي اڳڀرائي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. ڀارتي معيشت ان جي پاليسين جي ڪري پهرين جمود جو شڪار ٿي. ڪورونا کانپوءِ هاڻي ڪاٽو جي سطح کان پاتال ڏانهن لڙي رهي آهي. عمران خان صاحب ان ڏس ۾ پڪ سان خوش نصيب آهي. ڪورونا اسان وٽ اها تباهي نه آندي جيڪا آمريڪا ، ڀارت ۽ اٽلي جهڙن ملڪن ۾ نظر آئي. اسان جي معيشت جي بحاليءَ جا امڪان به روشن تر آهن. اهڙي ماحول ۾ انهن کي، “تخت يا تختَي وارو” اهو ماحول برقرار رکڻ جي هرگز ضرورت ناهي جيڪو انهن “وارا” وٺندڙن خلاف پنهنجي مخالف ڌر واري دور ۾ اختيار ڪيو هو، پر مشڪل اها آهي ته جڏهن عمران خان صاحب کي ٿورو “ٿڌو” ٿيڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي ته هو ۽ ان جا مداح اهو سوچيندا آهن ته “چورن ۽ لٽيرن” لاءِ اين آر او گھريو پيو وڃي، پر مبينا اين آر او بنا به نواز شريف صاحب “سزا مليل” هجڻ باوجود جيل کان ٻاهر ڪڍي لنڊن اماڻيو ويو. خواجه سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله ۽ شاهد خاقان عباسي احتسابي عمل تي سخت سوال اٿاريندڙ عدالتي فيصلن جي ڪري سياسي عمل ۾ لاڳيتو سرگرم آهن.

“پرچي جي ڪري چيئرمين بڻيل زرداريءَ جو پٽ” به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. مولانا فضل الرحمان تازو ئي پشاور ۾ هڪ ڀرپور ميڙاڪي کي خطاب فرمايو آهي. مختصرن اهو ته “احتسابي عمل” اهو ماحول نه جوڙي سگھيو جنهن جي اميد ٻَڌي پئي وئي. تحريڪ انصاف کي ان ڏس ۾ بلڪل هڪ نئين “نظريي” جي ضرورت آهي. ميڊيا کي الزام ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. پاڪستان دنيا کان ڪٽيل ڪو ٻيٽ ناهي. دنيا ۾ رياستي رعب ۽ داٻي تي سوال اٿاريندڙ جيڪا لهر ظاهر ٿي رهي آهي اها هر صورت پاڪستان جو رخ به ڪندي. اسان جي حڪمرانن کي نهايت ٿڌي دل سان ان جي اڳواٽ بندوبست جو رستو ڳولڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.